اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏ??ل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نيويارڪ ۾ آهي جتي هو جمعي ڏينهن 27 سيپٽمبر ت?? جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ت??جم??ن پريس بريفنگ ۾ چيو ته وزيراعظم پائيدار ترقي جي هدفن تي گڏ??ل قومن جي اهتمام هيٺ منعقد تقريب سسٽين ايبل ڊيولپمينٽ گولز ۾ شرڪت ڪئي جتي هن موسمياتي تبديلي بابت آفتن ۽ غيرمنصفاڻي عالمي مالياتي نظام سان وڌندڙ قرضن جي ڄار کان بچڻ جي لاءِ اسرن??ڙ ملڪن جي مدد تي زور ڏنو. ت??جم??ن چيو ته وزيراعظم سمنڊن جي سطح ۾ اضافي جي ڪري وجودي خطري تي اعليٰ سطحي اجلاس ۽ گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ ڪالهه هڪ مباحثي ”ليڊرشپ فار پيس“ ۾ پڻ شرڪت ڪئي. ت??جم??ن چيو ته گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ اعليٰ سطحي مباحثي دوران وزيراعظم چيو ته وچ اوڀر، يورپ ۽ ٻين جاين تي پکڙجندڙ جنگيون، وڏين طاقتن جي ڇڪتاڻ ۽ وڌندڙ غربت ورلڊ آرڊر جي بنيادن جي لاءِ خطرو آهن. هن عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ دنيا ۾ امن ۽ سلامتي کي مستحڪم ??رڻ جي لاءِ قدمن جي تجويز ڏني. ت??جم??ن چيو ته پاڪستان انهن مقصدن جي لاءِ سلامتي ڪائونسل ۾ عمل پيرا ٿيندو جڏهن هو ايندڙ سال ڪائونسل ۾ پنهنجي سيٽ سنڀاليندو. هن چيو ته گڏ??ل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم مالديپ جي صدر ڊاڪٽر ميوزو، ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان، ايران جي صدر مسعود پازشڪيان، فلسطين جي صدر محمود عباس، ڪويت جي ولي عهد شيخ صباح الخالد الحمد المبارڪ الصباح ۽ گڏ??ل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون.
وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس کي جمعي ڏينهن خطاب ڪندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : como jogar lotomania