پشاور-21 آگسٽ (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر ف??صل ڪريم ڪنڊي ايران جي شهر يزد ۾ پا??ستاني زائرين جي بس کي پيش آيل حادثي تي ايران ۾ پا??ستان جي سفير مدثر ٽيپو سان رابطو ڪيو ۽ چيو ته متاثرن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي وڃي، جنهن تي ايران ۾ موجود سفير گورنر کي متاثرن جي هر ممڪن مدد جي خا??ري ڪرائي آهي. ٻئي پاسي گورنر متاثر خاندانن کي خا??ري ڪرائيندي چيو آهي ته حادثي وارو هنڌ قونصل خاني کان 9 سئو ڪلوميٽر پري آهي، پا??ستاني سفير پا?? امداد?? سرگرمين جي نگراني ڪري رهيو آهي، يزد ۾ پا??ستاني زائرين جي شهادت افسوسناڪ آهي، صدر آصف علي زرداري ان حوالي سان انتهائي ڏک جو اظهار ڪيو آهي ۽ صدر پا??ستان سنڌ حڪومت کي حادثي متاثرن جي وارثن سان فوري رابطو ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن. متاثرن جو تعلق لاڙڪاڻي سان آهي، انهن جي وارثن کي ڀرپور حڪومتي تعاون فراهم ڪيو ويندو. گورنر چيو ته بس حادثي جي شهيدن جا مڙهه حاصل ڪرڻ لاءِ صدر زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خصوصي هدايتون جاري ڪيون آهن ۽ بس حادثي تي بلاول ڀٽو زرداري فوري طور تي ايراني عملدارن سان پڻ رابطو ڪيو آهي. هن ايراني عملدارن طرفان هر ممڪن تعاون جي خا??ري کي به سٺو سنئوڻ قرار ڏنو آهي.
خيبرپختونخوا جي گورنر پاران ايران ۾ پاڪستاني زائرين جي بس حادثي تي ايران ۾ پاڪستان جي سفير سان رابطو
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی