اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) انفارميشن سروس اڪيڊمي (آءِ ايس اي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت فيڊرل ??ائ??يڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن (ايف ڊي اي) جي تعاون سان انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ پاڪستان جي 78 هين آزاد?? جي ڏهاڙ?? جي سلسلي ۾ ڪوئيز شو منعقد ڪيو. اها تقريب انهن سرگرمين جي شروعات آهي جنهن جو منصوبو اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت هن سال آزاد?? جي ڏهاڙي کي شاندار طريقي سان ملهائڻ جي لاءِ تيار ڪيو آهي. تقريب جو خاص مهمان انفارميشن سروس اڪيڊمي جو ايگزيڪيوٽو ??ائ??يڪٽر جنرل محمد ارشد منير هو. تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سينيئر آفيسرن، انفارميشن سروس اڪيڊمي فيڪلٽي، عملي، استادن، شاگردن ۽ وڏي انگ ۾ عوام شرڪت ڪئي. آزاد?? جي ڏهاڙي ڪوئيز شو ۾ فيڊرل ??ائ??يڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن جي انتظام هيٺ هلندڙ اسلام آباد ماڊل ڪاليجز جي انٽرميڊيئٽ سطح جا 12 شاگرد شامل هئا. ٽن ڇوڪرين ۽ ٽن ڇوڪرن جي ٽيم تي ٻڌل شاگردن ۽ شاگردياڻين جي 6 ٽيمن ڪواليفائنگ رائونڊ ۾ شرڪت ڪئي جن مان ٽن ٽيمن فائنل رائون?? جي لاءِ ڪواليفائي ڪيو. دلچسپي مقابلي کانپوءِ عورت واري اسلام آباد ماڊل ڪاليج (پوسٽ گريجوئيٽ) ايف 10/2 پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. پهرين، ٻي ۽ ٽئين پوزيشن حاصل ڪندڙ کي ٽرافيون، روڪ انعام ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. خاص مهمان شاگردن ۾ ايوارڊز ورهايا. ان موقعي تي ڳالهئايندي انفارميشن سروس اڪيڊم?? جي ايگزيڪيوٽو ??ائ??يڪٽر جنرل محمد ارشد منير ان دلچسپ ۽ پرجوش ڪوئيز شو منعقد ڪرڻ تي انفارميشن سروس اڪيڊم?? جي انتظاميا کي ساراهيو ۽ مبارڪباد ڏني. هن خاص طور تي تحريڪ پاڪستان جي تاريخ جي حوالي سان شاگردن جي بي پناهه معلومات کي ساراهيو. هن چيو ته مون کي اهو ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي ته اسان جو نئون نس?? پاڪستان قائم ٿيڻ جي لاءِ اسان جي بزرگن ۽ قائدين جي جدوجهد کي ياد رکيو آهي. هن چيو ته نئون نسل اسان جي مستقبل جا معمار آهن ۽ انهن جو علم، مهارت ۽ تجربو هن قوم جي تقدير سنواريندو. هن آزاد?? جي ڏهاڙي کي جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته هڪ زندهه قوم سدائين انهن اڳواڻن جي قربانين کي ياد رکندي آهي جن پنهنجي ملڪ جي جوڙجڪ ۾ حصو ورتو. ان موقعي تي خاص مهمان شاگردن سان پڻ ڳالهه ٻو??هه ڪئي. تقريب جي آخر ۾ خاص مهمان سان ڪوئيز شو ۾ حصو وٺندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين انفارميشن سروس اڪيڊم?? جي فيڪلٽي گروپ فوٽو ڪڍرايو. انفارميشن سروس اڪيڊم?? جي ايگزيڪيوٽو ??ائ??يڪٽر جنرل ارشد منير ڪوئيز شو ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي شرڪت ۽ فيڊرل ??ائ??يڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن جي تعاون کي ساراهيو جنهن جي ذريعي ان پروگرام جو انعقاد ممڪن ٿيو. هن خاص طور تي انفارميشن سروس اڪيڊم?? جي آفيسرن ۽ عملي جا ٿورا مڃيا جن مختصر وقت ۾ ان شاندار پروگرام منعقد ڪرڻ جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪئي.
انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ پاڪستان جي 78 هين آزادي جي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ ڪوئيز شو منعقد
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا