اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) توانائي (پاور ڊويزن) واري وفاقي وزير سردار اويس احمد لغاري چيو آهي ته ت??انائي جي شعبي ۾ سڌارا آڻي ره??ا آهيون، 20 نڪاتي سڌارن جي شروعات وزيراعظم شهباز شريف جي سربراهي ۾ ٿي چڪي آهي. ڪالهه وزيراعظم جي توانائي بابت خاص مددگار محمد علي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ت??انائي جو شعبو معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حي??يت رکي ٿو، ان لاءِ هن شعبي ۾ سڌارا آڻي ره??ا آهيون، وزيراعظم جي ويزن تحت سمورن وزارتن کي گڏجي سڌارن تي عملدرآمد ڪرڻو آهي. وفاقي وزير اويس لغاري چيو ته وزيراعظم جي حڪمن موجب توانائي جي شعبي تي نيشنل ٽاسڪ فورس جوڙي وئي آهي، پاور سيڪٽر سان ڳنڍيل سمورا ادارا ٽاسڪ فورس ۾ شامل آهن، نيشنل ٽاسڪ فورس توانائي جي شعبي ۾ بهتري لاءِ سمورن رخن جو جائزو وٺندي ۽ اسان پاڪستان کي توانائي جو هڪ صحتمند ??عبو ڏينداسين. وفاقي وزير اويس لغاري چيو ته جيترو جلدي سان شيون ٺيڪ ڪنداسين اوتري جلدي معيشت بهتر رخن تي ايندي. وزيراعظم جي خاص مددگار محمد علي چيو ته اسان آءِ پي پيز ۽ پيداواري لاڳت بابت مسئلا ڏسي ره??ا آهيون، هاڻي اهو ڏسڻو آهي ته بجلي جي پيداواري لاڳت ۽ قيمتن ۾ گهٽتائي ڪيئن ڪري سگهجي ۽ ڪيئن حڪومت صارفين تي بار گهٽ ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته ٽاسڪ فورس جو اجلاس روزاني جي بنياد تي ٿيندو ج??هن جي اڳڀرائي کان عوام کي آگاهه ڪيو ويندو.
توانائي جي شعبي ۾ سڌارن لاءِ نيشنل ٽاسڪ فورس جوڙي وئي آهي: وفاقي وزير اويس لغاري
مضمون کا ماخذ : quina acumulada