آستانه – 04 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۽ ايس سي او پلس سمٽ ۾ فلسطين جي صورتحال جي حوالي سان واضح موقف اختيار ڪيو آهي ۽ عالمي برا??ري تي اسرائيل کي جوابده بڻائڻ ۽ انصاف ج?? ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ تي زور ڏنو آه??. و??يراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس کي خطاب ۾ غزه جو ڪيس ڀرپور طريقي سان وڙهيو ۽ هن عالمي برا??ري تي اسرائيل کي جوابده بڻائڻ ۽ انصاف ج?? ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ تي زور ڏنو آه??. و??يراعظم چيو ته اسرائيل فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ۾ ملوث آهي، انصاف جي عالمي عدالت پڻ اسرائيل جي بي رحماڻي ڪاررواين کي فلسطينين جي نسل ڪشيءَ قرار ڏئي چڪي آه??. و??يراعظم چيو ته اسرائيل غزه ۾ ظلم ڪري رهيو آهي ۽ جنگي ڏوهن جو ارتڪاب ڪري رهيو آهي، عالمي برا??ري غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ انساني امداد جي پهچ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪري. هن چيو ته پاڪستان جو موقف آهي ته سمورن پراڻي تڪرارن جو حل گڏيل قومن جي قراردادن موجب ٿيڻ گهرج??. و??يراعظم چيو ته فلسطين ۾ 37 هزار جي لڳ ڀڳ معصوم ماڻهن کي شهيد ڪيو ??يو آهي جن ۾ وڌيڪ انگ عورتن ۽ ٻارن جو آهي، اسرائيل پاران 20 لک فلسطينين کي بي گهر ڪيو ??يو، پاڪستان فلسطين جي مسئلي جو 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي طرز تي ٻه رياستي حل جو حامي آهي جنهن تحت فلسطيني رياست جو قيام ٿئي ۽ جنهن جي گادي وارو شهر القدس هجي.
وزيراعظم پاران شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۽ ايس سي او پلس سمٽ ۾ فلسطين جي صورتحال جي حوالي سان واضح موقف اختيار
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ