بيجنگ – 13 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ڪالهه سومر ڏينهن چين جي دوري جي موقعي تي بيجنگ ۾ گيزوبا گروپ جي چيئرمين سان ملاقات ڪئي. گيزوبا گروپ انرجي چائنا جو ذيلي ادارو آهي جيڪو پاڪس??ان ۾ بجلي پيدا ڪرڻ جا ڪيترائي منصوبا شروع ڪندڙ چين جي ناليواري ڪمپني آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم شانگلا ۾ پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعي تي چيئرمين سان تعزيت جو اظهار ڪيو جنهن ۾ 5 چيني شهري ۽ هڪ پاڪستاني شهري مارجي ويا هئا. هن ان ڪڌي حملي جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۽ پاڪس??ان ۾ چيني شهرين جي فول پروف سيڪيورٽي جي خاطري جي ل??ءِ پاڪس??ان جي پختي عزم جو اظهار ڪيو. پاڪس??ان جي اقتصادي ترقي ۾ گيزوبا گروپ جي تعاون جو ذڪر ڪندي نائب وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ت?? پاڪس??ان کي قابل تجديد ۽ هائيڊل سيڪٽر ۾ پنهنجي بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي جنهن جي ل??ءِ گيزوبا گروپ ??ائداڻو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن چيو ت?? سي پيڪ جي فيز 2 تحت پاڪس??ان چيني سيڙپڪارن کي فراخد??ي سان مراعتن جي آڇ ڪئي آهي جنهن کي گيزوبا گروپ ??اڪس??ان ۾ پنهنجي ڪاروباري مقصدن کي وڌائڻ جي ل??ءِ استعمال ڪري سگهي ٿو. گيزوبا گروپ جي چيئرمين پاڪس??ان ۾ چيني شهرين جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ موثر قدم کڻن تي پاڪس??ان جا ٿورا مڃيا ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ت?? ڪمپني پاڪس??ان ۾ پنهنجي سمورن منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪندي ۽ تعاون جي نئين شعبن ۾ آپريشنز کي وڌيڪ سگهه ڏيندي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي گيزوبا گروپ جي چيئرمين سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : como jogar lotomania