اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سيمي ڪنڊڪٽر ٽيڪنالاجي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آ??ي ته پاڪستان ۾ سيمي ڪنڊڪٽر انڊسٽري جي لاءِ وڏي صلاحيت موجود آهي، ملڪ وٽ ڀرپور قدرتي وسيلا، نوجوان، هنرمند افرادي قوت ۽ اهم جاگرافيائي بيهڪ آهي، حڪومت سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ ۽ انڊسٽري جي ترقي ۾ مدد جي لاءِ ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، سيمي ڪنڊڪٽر انڊسٽري ۾ تعاون سان ملڪ کي عالمي معيشت سان ڳنڍي سگهجي ٿو. اها ڳالهه هن مقامي هوٽل ۾ سيمي ڪنڊڪٽر سمٽ 2024ع کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قائم ڪئي وئي، اسان ملڪ ۾ ڪاروباري آسانين ۽ جدت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، پاڪستان ۾ ڀرپور قدرتي وسيلا موجود آهن، اسان دنيا جي پنجين وڏي جمهوريت آهيون ۽ دنيا کي ٻڌائڻ جي لاءِ اسان وٽ هڪ بهترين اسٽوري موجود آهي. هن چيو ته انساني وسيلا اسان جو سڀ کان وڏو سرمايو آ??ن، اسان جي ملڪ جي 68 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، دنيا ۾ پنهنجي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ تي اسان کي تمام گهڻو فخر آهي، پاڪستان دنيا جي سنگم تي موجود آهي. هن چيو ته گذريل ڏينهن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پاليسي فريم ورڪ جي منظوري ڏني وئي. هن چيو ته سيڙپڪارن کي سهولت فراهم ڪرڻ حڪومت جي بنيادي ذميواري آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ هر سال 50 هزار انجنيئرنگ گريجوئيٽس تيار ٿين ٿا، اسان وٽ دنيا جون بهترين انجنيئرنگ يونيورسٽيون آهن ۽ اسان جي انجنيئرنگ گريجوئيٽس کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو وڃي ٿو پر بدقسمتي سان اسان سيمي ڪنڊڪٽر انڊسٽري مان فائدو نه کڻي سگهياسين. سيمي ڪنڊڪٽر انڊسٽري هن وقت 550 ارب ڊالر جي صنعت آ??ي جيڪا 2030ع تائين هڪ ٽريلين ڊالر تائين پهچڻ جي اڳڪٿي آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف پيشيواراڻي تربيت ۽ هنرمندي کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، اسان کي ووڪيشنل ٽريننگ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته هو هن سمٽ جي انعقاد ۽ عوامي ۽ نجي شعبي کي گڏ ڪرڻ تي منتظمين جو دل سان ٿورائتو آ??ي. هن چيو ته توهان ٺوس تجويزن سان گڏوگڏ قابل عمل حل پڻ تجويز ڪريو، توهان اسان کي انهن ڪوششن ۾ پاڻ کان هڪ قدم اڳتي ڏسندا. وفاقي وزير چيو ته چپ ڊيزائننگ کان وٺي اسڪل ڊيولپمينٽ تائين ريسرچ ۽ ڊيولپمينٽ کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اسان وٽ اسڪل ڊيولپمينٽ سان گڏوگڏ ريسرچ اي??ڊ ڊيولپمينٽ ۾ مهارت موجود آهي. هن چيو ته تحقيق ۽ ترقي هڪ اهم شعبو آ??ي، توهان سيمي ڪنڊڪٽر جي شعبي ۾ ڪيترائي ڏهاڪا گذاريا آهن، توهان اسان جي رهنمائي ڪريو ته ڪهڙي طرح ان شعبي ۾ اسان اڳتي وڌي سگهون ٿا. هن چيو ته ان شعبي ۾ تعاون سان ملڪ کي عالمي معيشت سان ڳنڍي سگهجي ٿو. اسان کي سيمي ڪنڊڪٽر ٽيڪنالاجي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آ??ي جنهن سان اسان جي معيشت کي وڏي پئماني تي مدد ملندي. هن چيو ته حڪومت جي اي??دي ئي ڪجهه ڏينهن ۾ ٻاهرئين ملڪ مان وفدن جو اچڻ شروع ٿي ويو آ??ي، تازو ئي سعودي عرب جي وفد پاڪستان جو دورو ڪيو، اي??دڙ هفتي ايران جي صدر جي آمد متوقع آهي. ان کانسواءِ بلومبرگ جهڙا عالمي رسالا پڻ چئي رهيا آهن ته ملڪي معيشت بهتري طرف گامزن آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن تي زور ڏنو ته اهي ريسرچ اي??نڊ اسڪل ڊيولپمينٽ جي حوالي سان ٺوس تجويزون ڏين، حڪومت نه رڳو وسيلا مهيا ڪندي پر ان سلسلي ۾ ڀرپور تعاون پڻ فراهم ڪندي.
پاڪستان ۾ سيمي ڪنڊڪٽر انڊسٽري جي لاءِ وڏي صلاحيت موجود آهي، سيمي ڪنڊڪٽر انڊسٽري ۾ تعاون سان ملڪ کي عالمي معيشت سان ڳنڍي سگهجي ٿو: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں