اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته سک ياتر??ن کي پنهنجي مذهبي رسمن جي ادائيگي ۽ مقدس جاين جي زيارت دوران هر قسم جُون سهولتُون فراهم ڪيُون وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اها هدايت سک ياتر??ن کي پاڪستان پاران فراهم ڪئي ويندڙ ويزا سهولتن جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي سڄي سال ۾ منعقد ٿيندڙ سکن جي مختلف ڏڻن، سک ياترين جي ويزائن ۽ انهن کي فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن تي ??فص??لي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم چيو ته پنهنجي مذهب جي مقدس جاين جي زيارت ڪرڻ جي لاءِ سڄي دنيا مان آيل سک ياتري اسان جا مهمان آهن. هن هدايت ڪئي ته سک ياتر??ن کي پنهنجي مذهبي رسمن جي ادائيگي ۽ مقدس جاين جي زيارت دوران هر قسم جي سهولت فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته سک ياتر??ن کي ويزا جي فراهمي جي عمل کي وڌيڪ تيز ۽ شفاف بڻايو وڃي، ڪرتاپور ۾ سک ياتر??ن کي عالمي معيار جي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. اجلاس کي گهرو وزارت پاران سک ياتر??ن کي ميسر ويزا سهولتن، ويزا حاصل ڪرڻ ۾ گهربل مدي، ڪرتارپور لنگهه جي انتظامي معاملن ۽ سکن جي سالياني ڏڻن تي ??فص??لي بريف ڪيو ويو. نگران وزيراعظم ڪرتاپور لنگهه جي ذريعي ۽ ٻين ملڪن مان زيارت جي لاءِ آيل سک ياتر??ن کي وڌيڪ ۽ بهتر سهولتن جي فراهمي جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي جوڙي پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران سک ياترين کي پنهنجي مذهبي رسمن جي ادائيگي ۽ مقدس جاين جي زيارت دوران هر قسم جُون سهولتُون فراهم ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ