اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ??رد??ري ڊينمارڪ جي پرڏيهي وزير سان ڊينمارڪ ۽ ٻين يورپي ملڪن قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي واقعن ت?? ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي وزير پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته مون کي ڊينمارڪ جي پرڏيهي وزير لارس لوڪي راسمو??ن ٽيليفون ڪئي ۽ مون کيس ڊينمارڪ ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي واقعن ت?? گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. بلاول ڀٽو ??رد??ري ڊينمارڪ جي حڪومت پاران مس??مان دنيا تائين پهچ جو اعتراف ڪندي ۽ ان ڪڌي ڪاررواين جي مذمت ڪئي. هن سڄي دنيا جي مس??مانن جي جذبن کي ٺيس پهچائيندڙ اسلامو فوبڪ ڪاررواين کي روڪڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته بين المذاهب هم آهنگي ۽ مذهبي رواداري کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي.
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ