اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اميد ظاهر ڪئي آهي ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) معاشي چئلينجن کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ پاڪس??ان سان ??نهنجي مضبوط حصيداري جاري رکندي، آءِ ايم ايف پروگرام تحت 9 هون جائزو ايندڙ ڪجهه ڏي??هن ۾ مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي، پاڪس??ان پروگرام ۾ طئي ٿيل سڌارن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين، جاپان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽرز جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو ج??هن ساڻس ملاقا?? ڪئي. اي ڊي بي جي وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم پاڪس??ان سان اي ڊي بي جي پراڻي وابستگي ۽ پاڪس??ان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ هڪ قابل اعتماد حصيدار هجڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم 2022ع جي ٻوڏ جي ڏس ۾ اي ڊي بي جي فراخداڻي مدد کي ساراهيو، ان ۾ هنگامي امدادي گرانت، آفتن کانپوءِ جي ضرورتن جو اندازو ۽ جنيوا ۾ ڪلائميٽ ريزيليئنس ڪانفرنس دوران ڪيل واعدا شامل هئا. وزيراعظم پاڪس??ان جي اهم اقتصادي شعبن خاص طور تي ٽرانسپورٽ، توانائي، موسمياتي تبديلي ۽ سماجي شعبي ۾ اي ڊي بي جي سيڙپڪاري کي ساراهيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته اي ڊي بي ملڪ جي معاشي چئلينجن کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ پاڪس??ان سان ??نهنجي مضبوط حصيداري جاري رکندي. وفد کي ٻڌايو ويو ته آءِ ايم ايف پروگرام تحت نائُون جائزو ايندڙ ڪجهه ڏي??هن ۾ مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي جيڪو عملي جي سطح جي معاهدي سان اڳتي وڌي رهيو آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪس??ان پروگرام ۾ طئي ٿيل سڌارن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي وفد تازي ٻوڏ سان ??يندڙ تباهي جي وڏي چئلينجن کي م??هن ڏيڻ ۾ حڪومت جي ڪوششن تي پنهنجي گهري اطمينان جو اظهار ڪيو. هن پاڪس??ان جي اقتصادي چئلينجن کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ اي ڊي بي سان گڏجي ڪم جاري رکڻ جي عزم جي تجديد ڪئي. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.
اميد آهي ته اي ڊي بي معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان سان پنهنجي مضبوط حصيداري جاري رکندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ