اسلام آباد– 30 – آگسٽ (اي پي پي) چين جي صدر ش?? جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ پ??ڪس??ان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني نقصان تي پ??ڪس??ان جي قيادت ۽ عوام سان افسوس ۽ ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. پ??ڪس??ان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ چين جي صدر ۽ وزيراعظم جو خصوصي پيغام صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف کي پهچايو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف چين جي صدر ش?? جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظ?? چيو ت?? سدائين وانگر چين جي قيادت ۽ عوام پ??ڪس??ان دوستي ۽ فراخدلي جو مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته هو صدر ش?? جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ جا دل سان ٿورا مڃي ٿو. واضح رهي ته چين پاران پ??ڪس??ان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 190 ملين يوآن (آر ايم بي) امداد جو اعلان ڪيو ويو آهي. چين پاران 25000 خيمن ۽ ٻين امدادي شين جو عطيو ڪيو ويو آهي. چيني فضائيه جون اڏامون 300 خيمن جي پهرين کيپ کڻي اڄ ۽ سڀاڻي ڪراچي پهچنديون. پ??ڪس??ان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ ڪراچي ۾ امدادي سامان پ??ڪس??اني عملدارن جي حوالي ڪندو. چين پاران ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امداد جي فراهمي بابت اقتصادي معاملن واري ڊويزن کي چين جي سفير جي ڪراچي کان واپسي تي باضابطا آگاهه ڪيو ويندو. چين جي سفير نونگ رونگ چين جي قيادت جي فيصلي سان پ??ڪس??ان حڪومت کي آگاهه ڪري ڇڏيو.
چين جي صدر ۽ وزيراعظم پاران پاڪستان جي قيادت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا