اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري وف??قي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان ني?? چيئرمين جي مقرري جي لاءِ شهباز شريف سان مشاورت نه ڪندو، اسان جو واضح موقف آهي ته اپوزيشن سان ته مشاورت ٿيندي پر شهباز شريف سان نه، جيڪڏهن مخالف ڌر جو شوق آهي ته ليڊر آف اپوزيشن سان مشاورت ٿئي ته ان کي پنهنجو مخالف ڌر اڳواڻ بدلائڻ گهرجي. شهباز شريف ني?? جي ملزم آهي، ان سان مشاورت جو مطالبو ايئن آهي جيئن چور کان پڇي وڃي ته ان جو ٿاڻيدار ڪير هوندو.
قانون واري وف??قي وزير فروغ نسيم سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وف??قي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته اسان جو مقصد ني?? ڪيسن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ آهي، نئون تجويز ڪيل قانون ان وقت قانون جي شڪل اختيار ڪندو جڏهن صدر ان تي صحيح ڪندو. هن چيو ته ان آرڊيننس جو ٻيو حصو ايڪٽ به ايندو، اسان آرڊيننس تي مخالف ڌر سان مشاورت ڪنداسين، مخالف ڌر کي دعوت ڏئي رهيا آهيون ته جيڪڏهن هو وڌيڪ ترميم يا پنهنجي راءِ ڏيڻ چاهين ٿا ته اسان کي فراهم ڪري، اسان پارليامينٽ ايڪٽ تحت ريفارمز آڻينداسين. هن چيو ته ني?? وڏي ڪرپشن جي لاءِ ٺهيو هو، ان جو ڪاروبار ۽ ٻين شين کي شامل ڪرڻ سان ني?? جو معيار ڪريو آهي، اسان ني?? کي مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ وف??قي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان ني?? چيئرمين جي مقرري جي حوالي سان مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف سان مشاورت نه ڪندو، ان باري ۾ اسان جو موقف وڏو واضح آهي ته مخالف ڌر سان ته مشاورت ٿيندي پر شهباز شريف سان مشاورت نٿي ٿي سگهي ڇو ته شهباز شريف ني?? جو ملزم آهي ۽ ان سان مشاروت جو مطالبو ايئن آهي جيئن چور کان پڇيو وڃي ته ان جو ٿاڻيدار ڪير هوندو.
هن چيو ته جيڪڏهن مخالف ڌر کي ليڊر آف اپوزيشن سان مشاورت ڪرائڻ جو شوق آهي ته ان کي پنهنجو مخالف ڌر اڳواڻ بدلائڻ گهرجي، هن چيو ته ڪجهه ماڻهن جي خواهش آهي ته اسان چورن کان پڇي ٿاڻيدار لڳايون، هن چيو ته جيڪڏهن مخالف ڌر ۾ ٿوري به حيا هجي ها ته هو پاڻ ئي مخالف ڌر جي عهدي تان هٽي وڃي ها، هڪ ماڻهو جيڪو ني?? ۾ ملزم آهي ۽ هو پاڻ بضد آهي ته ني?? چيئرمين جي مقرري تي ساڻس مشاورت ڪئي وڃي، غير مناسب آهي. اطلا??ات واري وف??قي وزير چيو ته اسان ني?? مان نجي ۽ بئنڪنگ تڪرارن ۽ ٽيڪس کي ڪڍي ڇڏيو آهي، ني?? جو ڌيان هاڻي وڏي ڪرپشن تي هوندو، ني?? کي وڏين مڇين تي نظر رکڻي آهي، ان تي ڪيسز بڻجڻ گهرجن، هن چيو ته عدالتن جو تعداد به وڌايو پيو وڃي، ان جو طريقيڪار تبديل ڪري کين مضبوط ڪيو ويندو، پراسيڪيوشن جي مضبوطي لاءِ پراسيڪيوٽر جنرل جي آفيس کي به مضبوط ڪيو يو، هاڻي پراسيڪيوٽر جنرل جيڪو ريفرنس داخل ڪندو اهو ذميدار هوندو ته ان ۾ به سزا هجي، هن چيو ته قانون واري وزارت پهريون ڀيرو ايف بي آر کي گرفتاري جو اخيتار ڏنو آهي.