شورڪوٽ – 25 فيبروري (اي پي پي) ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي ڀارت کي خبردار ڪيو آهي ت?? پاڪ??تا?? کي ڪڏهن به گهٽ نه سمجهيو وڃي، پاڪ فضائيه جو ڪير به مقابلو نٿو ڪري سگهي، پي اي ايف 27 فيبروري 2019ع تي بالاڪوٽ جي علائقي ۾ ڀارتي جهاز ڪيرائي پنهنجي اهليت کي ثابت ڪري ڇڏيو، پاڪ فضائيه جي ڪارڪردگي سان منهنجو سر فخر سان بلند ٿي ويو. پي اي ايف ڀرپور جوابي ڪارروائي ۾ پاڪ??تا?? جي حدن ۾ ڀارتي جهاز ماري ڪيرايو. پاڪ??تا?? ايئر فورس پنهنجي ڪارڪردگي سان پنهنجي اهليت ثابت ڪئي آهي، پي اي ايف ڪيترائي هيروز پيدا ڪيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار ????ر ڊاڪٽر عارف علوي پي اي ايف رفيقي بيس تي جنگي جهازن جي 50 هين سالگرهه ۽ ڪلر ايوارڊز جي ت??ريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي ت?? چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان به موجود هو. تقريب دوران ملڪ جي دفاع لاءِ شاندار ??دمتن تي پي اي ايف جي اڳوڻن ۽ موجوده آفيسرن ۽ ٽيڪنيشنز کي ايوارڊز سان به نوازيو ويو. صدر تقريب کي خطاب دوران چيو ته گذريل ڪجهه سالن جي دوران مختلف مسئلن کي منهن ڏيندي اسان متحد رهڻ جو سبق سکيو آهي. هن چيو ته پاڪ??تا?? واحد ملڪ آهي جي??و جهاز ٺاهيندو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ دهشتگردي جي خاتمي جو اعزاز به رکي ٿو ۽ اهو اعزاز سپر پاوز سميت ٻي ڪنهن ملڪ کي حاصل نه آهي. هن چيو ته پاڪ??تا?? دهشتگردي جي خلاف ڪامياب رهيو آهي ڇو ته ان جي بهادر هٿياربند فوج ۽ سويلين تقريبن هڪ لک جانين جي قرباني ڏني آهي. ڊاڪٽر عارف علوي وڌيڪ چيو ته وزيراعظم عمران خان پاران امن جي آڇ جي باوجود ڀارت جو ڪردار هڪ انتهاپسند رياست جو آهي ڇو ته حقيقت ۾ ڀارت کي خطرو آهي ت?? پاڪ??تا?? ڀارت تي حملو ڪري سگهي ٿو، تنهن هوندي به پاڪ??تا?? ڀارت جي عدم استحڪام مان ڪڏهن به خوش نه ٿيندو ڇو ته ان طرح جي صورتحال سان خطي جا ٻيا ملڪ به متاثر ٿي سگهن ٿا.
پاڪستان کي ڪڏهن به گهٽ نه سمجهيو وڃي، پاڪ فضائيه جو ڪير به مقابلو نٿو ڪري سگهي: صدر
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ