اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) سريلنڪا ۾ مقرر پاڪستان جي وقتي هاءِ ڪمشنر تنوير احمد چيو آهي ته ڀارت جي 5 آگسٽ جي غيرقانوني قدم والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مزاحمت جو نئون ٻج ڇٽي ??ڏيو آهي. والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوجي گهيراءُ ??و هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ڪولمبو ۾ منعقد هڪ تقريب کي خ??اب ڪندي هن چيو ته مودي جي قيادت ۾ ڀارتي حڪومت ملڪي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪري گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي ڪئي آهي. وقتي هاءِ ڪمشنر چيو ته ڀارتي حڪومت والاريل ڪشمير ۾ هزارين اضافي فوجين کي مقرر ڪيو آهي، زندگي جي ضرورتن تائين پهچ روڪڻ جي لاءِ پابنديون هنيون، سياسي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو، هر قسم جي مواصلات جي بندشن جي نتيجي ۾ سڀ کان وڏو انساني بحران درپيش آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ