اسلام آباد – 23 سيپٽمبر (ا?? پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته اسلامي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۾ اضافو تمام ضروري آهي، او آءِ سي جا ميمبر ملڪ پنهنجون ضرورتون اسلامي ملڪن جي مصنوعات مان پوريون ڪن، پاڪستان ?? مراڪش جي وچ ۾ گڏيل واپار صلاحيت کان گهٽ آهي جنهن کي وڌائڻ جي ض??ورت آهي. هن اها ڳالهه مراڪش جي عهدو ڇڏيندڙ سفير مصطفيٰ صلاح الدين سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران چئي. صدر چيو ته واپار ۾ اضافي جي لاءِ پاڪستان ?? مراڪش جي وچ ۾ غير ضروري ٽيڪسن جو خاتمو ٿيڻ گهرجي ته جيئن واپاري سرگرميون وڌن ۽ ٻئي قومون هڪٻئي جي وڌيڪ ويجهو ا??ي سگهن.
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ