ماسڪو-04 آڪٽوبر(اي پي پي )روس اسرائيل ۾ موجود پنهنجن شهرين کي ملڪ ڇڏڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيل ۾ روس جي سفير اناتولي وڪٽروف خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب روس جي شهرين تي زور ڀريو آهي ته هو اسرائيل ڇڏي ڏين. اناتولي وڪٽروف وچ اوڀر ۾ تيزي سان وڌندڙ ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو . روس جي سفير چيو ته اسان اسرائيل ۾ موجود پنهنجن شهرين کي مشورو ڏئ?? رهيا آهيون ته جيستائين اتان باقاعده اڏ??مو?? هلي رهيون آهن ملڪ مان نڪري وڃن. اناتولي وڪٽور فروسي شهرين تي زور ڀريو آهي ته هو اسرائيل جي سفير بابت فيصلو ڪرڻ کان اڳ پنهنجي زندگي ۽ صحت تي لاڳو خطرن تي غور ڪن. روس جي سول ايوي ايشن ايجنسي جي سفارشن موجب ڪيتريون ئي روسي ايئرلائنز هن هفتي جي شروعات ۾ اسرائيل – ايران ۽ عراق لاءِ اڏ??مو?? ملتوي ڪيون آهن. ان کان اڳ روس جي نائب وزيراعظم کي کڻي ويل دوحه ويندڙ جهاز کي اسرائيل ۾ ايراني ميزائل حملي سبب رستي ۾ موڙيو ويو جنهن کان پوءِ اهو جهاز واپس روس اچي ويو هيو.
روس پاران پنهنجن شهرين کي اسرائيل ڇڏڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis