گڏيل قومون-03 فيبروري (اي پي پي) سڄي دنيا ۾ انساني ڀائيچاري جو عالمي ڏينهن اڄ ڇنڇر تي ملهايو ويندو. ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش پنهنجي پي??ام ۾ چيو آه?? ته عالمي يوم ??ائيچاري جي ڏهاڙي ملهائڻ جو مقصد همدردي، مذهبي، تفهيم ۽ گڏيل احترام جي قدرن کي هٿي ڏيڻ مڪالمي ۽ عمل ذريعي مذهب يا عقيدي جي آزاديءَ جي انساني حقن جي حاصلات کي يقيني بنائڻ لاءِ قدمن لاءِ هڪ فريم ورڪ، طريقيڪار ۽ تحريڪ فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته امن کي هٿي وٺرائڻ ۽ انسانيت کي متحد ڪرڻ لاءِ اهي قدر انتهائي اهميت جوڳا آهن پر پوري دنيا ۾ نفرت انگيز تقريرون، فرقيواريت، تڪرار ۽ اختلافن کي هٿي ڏئي ورهاست، عدم مساوات ۽ وڌندڙ مايوسيءَ سبب قدم ختم ٿي رهيا آهن، حقيقت اها آه?? ته دنيا جي معاشرن ۽ فرقن ۾ مذهبي انتهاپسندي ۽ اڻبرادشت ۾ واڌ ٿيندو رهي ٿو. هن چيو ته دنيا ۾ هر جڳهه تي مذهبي اڳواڻن جو فرض آه?? ته هو پنهنجي پي??وڪارن وچ ۾ نفرت ۽ انتهاپسنديءَ کي ختم ڪن ۽ هن چيو ته بين المذاهب مڪالمو مثبت اظهار راءِ پي??ا ڪري ٿو، مفاهمت ۽ دلين ۽ ذهنن ۾ امن امان قائم ڪرڻ جي شفاف بخشڻ جو ذريعو بڻجي ٿو. دلين ۽ ذهنن ۾ امن جي سوچ کي هٿي ملي ٿي.
سڄي دنيا ۾ انساني ڀائيچاري جو عالمي ڏينهن اڄ ملهايو ويندو
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس