گڏيل قومون-01 مئي (اي پي پي)گڏيل قومن جي سربراهه انتون??و گوتريش خبردار ڪيو آيه ته رفح تي اسرائيلي حملي سان موجوده ڇِڪتاڻ ۽ تباهيءَ ۾ ناقابل برداشت اضافو ٿيندو جيڪي نه رڳو فلسطينين لاءِ تباهه ڪُن ثابت ٿيندا پر اهي غزه ۽ ٻين علائقن تائين به پکڙجي سگهن ٿا. الجزيره مطابق هن چيو ته واضح طور تي نظر اچي رهيو آهي ته رفح ۾ ارائيل?? فوج جو امڪاني زميني آپريشن هڪ اهڙي الميي کان گهٽ نه هوندو جيڪو لفظن کان ٻاهر آهي، اهو غزاه ۾ موجوده فلسطينين تي تباهه ڪُن اثر ڇڏيندو جنهن جا والاريل اولهندي ڪناري ۽ وچ اوڀر جي وسيع تر خطي تي سنگين اثر پوندا. ان ڪ??رر??ائيءَ سان وڌيڪ هزارين فلسطيني شهري اجل جو شڪار ۽ لکين لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا. انتون??و گوتيرش چيو ته سلامتي ڪائونسل جا سمورا ميمبر ۽ ڪيترائي ملڪ واضح طور تي رفح ۾ ان قسم جي امڪاني اسرائيل?? فوجي آپريشن جي مخالفت ڪئي آهي. هن چيو ته مان اسرائيل تي اثر رسوخ رکندڙ سمورن ملڪن کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي غزه ۾ اسرائيل?? فوجي آپريشن روڪرائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪن. انتون??و گوتيرش اهو بيان بنجمن نيتن ياهو جي ان ڌمڪيءَ بعد جاري ڪيو آهي ته غزه ۾ جنگبنديءَ جو معاهدو هجي يا نه هجي، اسرائيل?? فوج غزه پٽيءَ جي ڏاکڻي شهر رفح تي هر صورت ۾ زميني حملو ڪندي. هوڏانهن گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت انڊر سيڪريٽري مارٽن گريفٿس چيو آهي ته رفح ۾ امڪاني اسرائيلي حملي ۾ ايتري قدر تباهي ٿيندي جو ڪو انساني منصوبو ان جو مقاب??و نه ڪري سگهندو.
رفح تي اسرائيلي حملي سان موجوده ڇِڪتاڻ ۽ تباهيءَ ۾ ناقابل برداشت اضافو ٿيندو: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ