بيجنگ-15 مارچ (اي پي پي) چين جي سفارتڪار وانگ ڪچيان اسرائيل جو دورو ڪيو آهي. چيني پرڏيهي وزارت جمعي ڏينهن چيو ته چيني سفارتڪار وانگ ڪچيان اسرائيل جو دورو ڪيو آهي ۽ غزه جي جاري تڪرار ۽ چين اسرائيل لاڳاپن تي اسرا??يل?? پرڏيهي وزارت جي عملدارن سان ڳالهه ٻولهه ڪئ?? آهي. وانگ هڪ جامع جنگ بندي ۽ ڇڪتاڻ جي خاتمي تي زور ڀريو آهي ته جيئن انساني امداد جي ضمانت ڏئي سگهجي ۽ غزه ۾ شهرين کي موثر طريقي سان تحفظ فراهم ڪري سگهجي. هن اسرائيل ۽ فلسطين جي پرامن گڏيل بقاءَ کي محسوس ڪرڻ لاءِ ٻه رياستي حل جي بنياد تي فسلطين مسئلي جي سياسي حل تي پڻ زور ڀريو. چيني پرڏيهي وزارت چيو ته اسرا??يل?? ڌر غزه تڪرار جي معاملي تي پنهنجي موقف ۽ خدشن کان چيني سفير کي آگاهه ڪيو آهي.
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria