اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان بنگلاديش س??ن پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل تاريخ، عقيدي ۽ ثقافت تي ٻڌل آهن، پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ موجوده خيرسگالي جي لاڳاپن کي ٺوس تعاون ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفي?? جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۾ بنگلاديش جي عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشنر محمد روح العالم صديق وزيراعظم محمد شهباز شريف سان الوداعي ملاقات ڪئي. بنگلاديشي هاءِ ڪمشنر پاڪستان ۾ پنهنجو چار سالن جو مدو پورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم پاڪستان ۽ بنگلاديش لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ هاءِ ڪمشنر جي شاندار خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان بنگلاديش س??ن پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل تاريخ، عقيدي ۽ ثقافت تي ٻڌل آهن. بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد يون?? جي لاءِ نيڪ خو??هشن جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ موجوده خيرسگالي جي لاڳاپن کي ٺوس تعاون ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن سند?? جي لاءِ نيڪ خو??هشن جو اظهار ڪيو. بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر پاڪستان ۾ قيام دوران کيس فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن ۽ تعاون تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.
پاڪستان بنگلاديش سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج