اسلام ??باد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري انقره ۾ ٿيندڙ دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي هڪ عا??مي چئلينج آهي، پاڪستان به دهشتگردي جي لعنت کي منهن ڏنو، پاڪستان اهڙي وحشياڻي ڪاررواي?? جي درد ۽ تڪليف کي سمجهي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر پنهنجي بيان ۾ ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ ترڪ حڪومت ۽ عوام ??ان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو جڏهن ته متاثر خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. صدر زخمي?? جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته دهشتگرد امن ۽ انسانيت جا دشمن آهن. صدر دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي ۽ سمورين قوم?? جي مح??وظ مستقبل جي لاءِ عا??مي برادري پاران گڏيل ڪوشش?? جي ضرورت تي زور ڏنو.
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل