اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) اسلام آباد پوليس شنگهائي سهڪار تنظيم ڪانفرنس دوران سيڪيورٽي لاءِ سخت گائيڊ لائنز جاري ڪندي انتهائي فول پروف انتظام ڪيا ويا آهن. آءِ جي اسلام آباد پوليس آفي?? مطابق جاري ڪيل گائيڊ لائنز ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ سيڪيورٽي زون ۽ ايس سي او اجلاس جي منعقد ٿيندڙ جاءِ جي چئني پاسي غير لاڳاپيل ماڻهن جي داخلا جي اجازت نه هوندي. جڏهن ته رستن جي سيڪيورٽي کي ٽيڪنيڪل ٽيم ذريعي يقيني بڻايو ويندو. آءِ جي آفي?? مطابق ڪانفرنس جي جاءِ تي ڪنهن کي موبائل فون کڻي وڃڻ جي اجازت نه هوندي، ڊيوٽي تي موجود اهلڪار خصوصي رنگ جا جاري ڪيل ڪوڊ??گ ڪارڊ استعمال ڪندا. ڊي جي سيف سٽي ڊيجيٽل سرويلنسز جو ذميوار هوندو. ڊي آءِ جي سيڪيورٽي ڪانفرنس جي جاءِ سميت ٻين جاين جي سيڪيورٽي جو ذميوار هوندو، سڄي شهر جي سيڪيورٽي جي ذميوري ڊي آءِ جي اسلام آب??د جي هوندي. چيف ڪمشنر ۽ ڊي سيز لاڳاپيل شامل فائر بريگيڊ ۽ ريسڪيو سروسز جا ذميوار هوندا.
شنگهائي سهڪار تنظيم ڪانفرنس دوران سيڪيورٽي لاءِ سخت گائيڊ لائنز جاري
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ