اسلام آباد -20 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ۾ پنهنجي گذريل حڪومت ۾ شروع ڪيل ٽيڪنالاجي ??ارڪ جي ??نصوبي جو دورو ڪيو ۽ تعميراتي ڪم تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ پراجيڪٽ ٽيم ۽ آءِ ٽي وا??ي وزارت کي هدايت ڪئي ته هن منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ ل??ءِ قدم تيز ڪيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ مان جاري تفصيلن موجب دوري جي ??وقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته اسلام آباد ٽيڪنالاجي ??ارڪ پاڪستان جي عالمي معيار موجب پهرين ڪيٽيگري ٿري جو ٽيڪنالاجي ??ارڪ هوندو. وزيراعظم چيو ته حڪومت سنڀاليندي ئي ترقياتي منصوبن تي 24 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون، پنجاب ۾ خادم اعليٰ طور ترقياتي منصوبن تي 24 ڪلاڪ تعميراتي ڪم ڪرڻ جو نظام متعارف ڪرايو هو. هن منصوبي جي جلد تڪميل لاءِ ان تي 24 ڪلاڪ ڪم جاري آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪست??ن کي ترقي جي بلندين تي پهچائڻو آهي، ته ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوندي. بذات خود ڇنڇر ۽ آچر جي ??وڪل ختم ڪري ڇڏي آهي. پاڪست??ن کي ترقي جون منزون طئي ڪرڻيون آهن ته سڀني کي گڏجي ??حنت ڪرڻي پوندي. پروجيڪٽ ٽيم ۽ آءِ ٽي وا??ي وزارت هن منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ ل??ءِ قدم تيز ڪن. وزيراعظم چيو ته اسلام آباد ٽيڪنالاجي ??ارڪ سان ملڪي ۽ غير ملڪي اڪيڊميا تحقيق ڪندڙ، صنعت ۽ منصوبا سازن وچ ۾ هم آهنگي پيدا ٿيندي. وزيراعظم چيو ته ٽيڪنالاجي ??ارڪ جي تعمير سان ملڪي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ ساليانو 70 ملين ڊالرن جي ??اڌ ٿيندي، ٽيڪنالاجي ??ارڪ جي تعمير سان 10 هزار روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم نئين منصوبي لاءِ ڏکڻ ڪوريا جي حڪومت جي تعاون جو شڪريو ادا ڪيو. وزيراعظم کي اسلام آباد ٽيڪنالاجي ??ارڪ جي تعمير تي اڳڀرائي ۽ منصوبي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ٽيڪنالاجي ??ارڪ جو منصوبو 14.9 ايڪڙ ايراضي تي تعمير ڪيو پيو وڃي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هن منصوبي ۾ عالمي معيار جي ڊيٽا سينٽر به تعمير ڪيو پيو وڃي. دوري دوران سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطاالله تارڙ ۽ آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه به وزيراعظم سان گڏ هئي.
وزيراعظم شهباز شريف جو ٽيڪنالاجي پارڪ جي منصوبي جو دورو، تعميراتي ڪم تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina