اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان دوست ملڪن سان واپاري ۽ معاشي تعاون ??ڌا??ڻ جو خواهشمند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرتگال ۽ مي??نمار جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفيرن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو جن ايوان صدر ۾ ساڻس جدا جدا ملاقاتون ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب پرتگال جي لاءِ نامزد پاڪستاني سفير ڊاڪٽر محمد خالد اعجاز سان ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان ۽ پرتگال جي وچ ۾ واپار وڌيڪ ??ڌا??ڻ جي لاءِ ڪم ڪري، پاڪستان معاشي ۽ واپاري سرگرمين جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، غيرملڪي سيڙپڪار پاڪستان جي ڪاروبار دوست ماحول مان ڀرپور فائدو کڻن. صدر چيو ته پاڪستان ۽ پرتگال جي وچ ۾ سياسي، ثقافتي ۽ عوامي رابطن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻي پوندي، ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ سياسي سطح تي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پرتگال جون ڪمپنيون انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پاڪستان جي تربيت يافته انساني وسيلن مان فائدو کڻي سگهن ٿيون. صدر پرتگال جي لاءِ نامزد پاڪستاني سفير جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي مي??نمار جي لاءِ نامزد پاڪستاني سفير عمران حيدر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي پاڪستان ۽ مي??نمار جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ مي??نمار جي وچ ۾ واپار جي فروغ جي لاءِ ڪاروباري شعبي ۾ رابطا ??ڌا??ڻا پوندا. هن چيو ته پاڪستان جو قديم ٻڌمت ورثو ٻن??ي ملڪن کي سياحتي ۽ ثقافتي مي??انن ۾ وڌيڪ ويجهو آڻي سگهي ٿو. صدر مي??نما?? ۾ ??امزد سفير جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
پاڪستان دوست ملڪن سان واپاري ۽ معاشي تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ