اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته ايس آءِ ايف سي تحت قدمن تي ڀرپور تعاون ۽ محنت سان عمل ڪيو وڃي ته جيئن پاڪستان نه رڳو گهٽ ۽ وچولي مدي وارن ثمرن مان فائدو کڻي سگهي پر ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ ڊگهي مدي وارن قدمن جي راهه پڻ هم??ار ٿئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ خصوصي سيڙپ??ار?? سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ايپڪس ڪميٽي جو ستون اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، نگران ڪابينا جي ميمبرن، نگران صوبائي وڏن وزيرن ۽ لاڳاپيل اعليٰ حڪومتي عملدارن شرڪت ڪ??ي. ??جلاس ۾ ايس آءِ ايف سي تحت ملڪ ۾ سيڙپ??ار?? جي فروغ لاءِ کنيل قدمن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي مختلف وزارتن ملڪ ۾ سيڙپ??ار?? جي فروغ ۽ مقرر ڪيل هدفن کي وقت سر حاصل ڪرڻ ۾ سهولت جي لاءِ قدمن تي بريفنگ ڏني. ڪميٽي ايس آءِ ايف سي تحت سيڙپ??ار?? جي فروغ لاءِ کنيل مختلف قدمن تي اڳڀرائي کي انتهائي اطمينان جوڳو قرار ڏنو. ڪميٽي ايس آءِ ايف سي تحت ملڪ ۾ ??اه??ئين سيڙپ??ار?? جي لاءِ دوست ملڪن سان رابطي ۾ تيزي، سر??ار?? ۽ نجي ادارن سان تعاون جي قدمن کي ساراهيو. ڪميٽي سيڙپڪار برادري سان مختلف قدمن جي حوالي سان موثر طريقي سان رابطو وڌائڻ کي پڻ ساراهيو جنهن جي ڪري ملڪي ۽ پرڏيهي سطح تي منصوبن جي حوالي سان اڳڀرائي ۾ تيزي آئي آهي. ڪميٽي ملڪ ۾ سيڙپ??ار?? جي فروغ جي قدمن سان گڏوگڏ سيرپ??ار?? جي اعتماد کي وڌائڻ جي پاليسي قدمن جو پڻ جائزو ورتو. انهن پاليسي قدمن ۾ پرڏيهي سيڙپ??ار?? جي منافعي جي منتقلي، ملڪ ۾ ??ار??باري تڪرارن جي حل جي عمل، مواصلاتي بنيادي ڍانچي ۽ افرادي قوت جي عالمي معيار موجب ترقي، ايگزم بئنڪ کي ترجيحي بنيادن تي فعال بڻائڻ شامل آهي. ڪميٽي ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي شعبي ۾ سيڙپ??ار?? ڪري ان مسئلي جي پائيدار حل جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي ٺاهي پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ڪميٽي خساري جي شڪار سر??ار?? ادارن جي نج??ار?? جي عمل جو جائزو ورتو ۽ ان جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ڪميٽي نج??ار?? جي ان عمل کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ اهل??ار?? کي هدايت ڪئي ته ايس آءِ ايف سي تحت قدمن تي ڀرپور تعاون ۽ محنت سان عمل ڪيو وڃي ته جيئن پاڪستان نه رڳو گهٽ ۽ وچولي مدي وارن ثمرن مان فائدو کڻي سگهي پر ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ ڊگهي مدي وارن قدمن جي راهه پڻ هم??ار ٿ??ي. ??رمي چيف جنرل سيد عاصم منير پاڪستان جي پائيدار معاشي بحالي ۾ پاڪ فوج جي حڪومت سان مڪمل تعاون جي عزم جو يقين ڏياريو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ عملدارن کي ايس آءِ ايف سي تحت قدمن تي ڀرپور تعاون ۽ محنت سان عمل ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis