اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ??اڪ??ر عارف علوي اسپيشل اولمپڪس ۾ ميڊلز کٽڻ تي پاڪستان اسپيشل اولمپڪس جي پوري ٽيم ۽ انتظاميا کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته خصو??ي ماڻهن کي صحت، تعليم، روزگار ۽ راندين ۾ پنهنجو ??الو پيدا ڪرڻ جو ??وقعو ڏيڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار برلن اسپيشل اولمپڪس ۾ شرڪت ڪندڙ پاڪستان جي اسپيشل اولمپڪس ٽيم جي ميمبرن سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. صدر ۽ خاتون اول بيگم ثمينه علوي ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ ۽ نالو روشن ڪرڻ تي پاڪستان جي اسپيشل اولمپڪس ٽيم کي ساراهيو. ??اڪ??ر عارف علوي مثبت سرگرمين ۾ معذور ماڻهن جي شموليت وڌائڻ جي ضرورت ??ي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ هڪ ٺوس ۽ شموليت تي ٻڌل معاشري جي جوڙجڪ جا خواهشمند آهيون. صدر چيو ته خصو??ي ماڻهن کي انهن جي هنر ۽ صلاحيتن موجب نوڪريون ڏيڻ جي ضرورت ??هي. هن چيو ته پوري ٽيم اسپيشل اولمپڪس راندين جي ميدان ۾ ڀرپور صلاحيتن جو ??ظاهرو ڪيو، پاڪستان جي اسپيشل اولمپڪس ٽيم جو 11 راندين جي مقابلن ۾ حصو وٺڻ فخر جوڳو آهي، خوشي ٿي ته ذهني معذوري جي شڪار ماڻهن به راندين ۾ حصو ورتو. صدر چيو ته پاڪستان جي اسپيشل اولمپڪس ٽيم ميڊلز کٽي پاڪستان جو ??الو روشن ڪيو.
صدر پاران اسپيشل اولمپڪس ۾ ميڊلز کٽڻ تي پاڪستان اسپيشل اولمپڪس جي پوري ٽيم ۽ انتظاميا کي مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس