اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته گڏيل قومن جي ??نساني حقن واري ڪائونسل پاران پاڪستان ۾ انساني حقن جي ??ورتحال جي ??هتري جو اعتراف موجوده حڪومت جي ??حيح رخ ۾ صحيح قدمن جو اعتراف آهي، و??ير??عظم شهباز شريف جي قيادت ۾ رڳو 15 مهينن دوران پاڪستان اندروني ۽ ٻاهرئين سطح تي هڪ کانپوءِ هڪ ڪاميابين جا سنگ ميل عبور ڪيا، ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچايو، آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو بحال ڪيو، فيٽف جي گري لسٽ مان ڇوٽڪارو مليو، عالمي فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان جي 7 درجا بهتري ٿي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عالمي ريٽنگ جي ??داري فچ (FITCH) پاڪستان جي ??يٽنگ وڌائي CCC ڪري ڇڏي آهي ۽ هاڻي گڏيل قومن جي ??نساني حقن واري ڪائونسل اعتراف ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ انساني حقن جي ??ورتحال بهتر ٿي رهي آهي، ان ڏس ۾ نمايان بهتري آئي آهي. ڪائونسل جو اه?? چوڻ ته پاڪستان انساني حقن جي ??هتري لاءِ پختي سياسي عزم جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته اهو موجوده حڪومت جي ??حيح رخ ۾ صحيح قدمن جو اعتراف آهي. چار سال جي ??باهي، بدنامي، رسوائي ۽ گندگي جي ??فائي جاري آهي، سموريون ڪوڙيون، سازشي عالمي پروپئگنڊاز زمين بوس ۽ سدائين جي لاءِ دفن ٿي ويون آهن.
گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل پاران پاڪستان ۾ انساني حقن جي صورتحال جي بهتري جو اعتراف موجوده حڪومت جي صحيح رخ ۾ صحيح قدمن جو اعتراف آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا