اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي يوڪرين جي صدر ولادي مير زيلنسڪي ٽيليفون ڪئي، ٻنهي صدرن پاڪستان ۽ يوڪرين جي سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب پاڪستان ۽ يوڪرين جي صدر?? روس – يوڪرين جنگ جي ڏس ۾ اسرندڙ دنيا کي درپيش توانائي ۽ خوراڪ جي مسئلن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي ملڪن جي صدرن پاڪستان ۽ يوڪرين جي گڏيل فائد?? جي لاءِ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر زيلنسڪي پنهنجي 10 نقاطي امن فارمولي جو حوالو ڏيندي يوڪري?? روس تڪرار جي خاتمي لاءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ويندڙ قرارداد جي مسودي تي پاڪستان جي حمايت طلب ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته روس يوڪرين جنگ تي پاڪستان کي گهري ڳڻتي آهي، پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر موجب جنگ جي پرامن حل جي حمايت ڪري ٿو. صدر چيو ته پاڪستان حڪ??مت پاران تجويز ڪيل قرارداد جي نقطن جو جائزو ورتو پيو وڃي. يوڪرين جي صدر زيلنسڪي صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي يوڪرين جي دور?? جي دعوت پڻ ڏني.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي يوڪرين جي صدر ولادي مير زيلنسڪي جي ٽيليفون
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو