اسلام آباد – پ??ري?? نومبر (اي پي پي) پرڏيهي و??ير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني قيمتي اثاثو آهن، انهن جي لاءِ هر ممڪن آسانيون پيدا ڪنداسين، هي وقت ڊيجيٽل ڊپلوميسي جو آهي، قونصلر سروسز کي بهتر ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهان ٿو، پورٽل جو مقصد عوام جي لاءِ آساني پيدا ڪرڻ ??هي. اها ڳالهه هن پرڏيهي و??ارت ۾ ايف ايم پورٽل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان کان اڳ پرڏيهي و??ارت ۾ پرڏيهي معاملن واري وفاقي و??ير مخدوم شاهه محمود قريشي Vision FO تحت ايف ايم پورٽل جو افتتاح ڪيو. ايف ايم پورٽل جي شروعات 187 ملڪن ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ آساني ۽ سهولت پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪئي و??ي آهي ته جيئن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني پنهنجي مسئلن جي فوري حل، تاثر، شڪايتن ۽ تجويزن جي لاءِ ان پورٽل کي استعمال ۾ آڻي سگهي. اهو پورٽل وزيراعظم عمران خان جي ويزن ۽ پرڏيهي و??ير جي ڊيجيٽل ڊپلوميسي ايجنڊا ۽ پبلڪ ڊپلوميسي انيشي ايٽو موجب شروع ڪيو ويو ??هي. ان ايپ کي نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ پرائم منسٽرز پرفارمنس ڊيليوري يونٽ جي مدد سان تيار ڪيو ??هي. ايف ايم پورٽل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي و??ير مخدوم شاهه محمود قريشي ٻاهرئين ملڪ رهندر پاڪستانين کي سروسز جي فراهمي ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ پرڏيهي آفيس جي کنيل سڌاراجاتي قدمن تي پڻ ر??شن?? وڌي جن ۾ دستاويزن جي تصديق جي لاءِ معياري طريقيڪار جي شروعات، جعلسازي جي حڪمن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪيو آر ڪوڊ، ڊيجيٽل سسٽم جي شروعات، پاڪستان جي اندر ڪوريئر سروسز جي ذريعي دستاويزن جي تصديق، مشنز جي ذريعي سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ پاور آف اٽارني جي آن لائن تصديق، اوورسيز پاڪستانين کي جانشيني جي سرٽيفڪيٽ ۽ انتظامي رخن کي جاري ڪرڻ جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ 16 مشنز ۾ نادرا ڪائونٽرز قائم ڪرڻ جو منصوبو، جهڙا قدم شامل آهن. پرڏيهي آفيس، بلوچستان، خيبرپختونخواهه، سنڌ، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي پوليس کاتن سان پڻ مشاورت ڪري رهيو آهي ته جيئن پنجاب ۽ آءِ سي ٽي پوليس موجب پوليس ڪريڪٽر سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ کي ڊيجيٽل بڻائي سگهجي. وڌيڪ اهو ته هيستائين 14 مشنز کي پنجاب لينڊ رڪارڊ سسٽم جي ميوٽيشن ۽ رجسٽريشن دستاويزن جي ڊيجيٽل رڪارڊ تائين پهچي ڏني پئي وڃي. شاهه محمود قريشي چيو ته ايف ايم جي ڊيجيٽل ڊپلوميسي ايجنڊا تحت، گذريل سال پرڏيهي و??ير ايف ايم ڊائريڪٽ ايپ جي شروعاتڪ ئي جڏهن ته رياض ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۽ جده ۾ اسان جي قونصليٽ سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستانين جي سهولت لاءِ هڪ اينڊرائيڊ ايپ Pakistan KSA لانچ ڪئي ??هي. اهڙي طرح عمان ۽ ڪويت ۾ اسان جي مشنز پاران سفارتخاني جي پورٽل ايپس جي شروعات ڪئي و??ي آهي ته جيئن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين سان رابطن کي وڌائي سگهجي. هن چيو ته دبئي ۾ پاڪستان جي قونصليٽ دبئي ۽ ڀرپاسي ۾ رهندڙ پاڪستانين کي مختلف خدمتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ اينڊرائيڊ ايپ Pak in Dubai پڻ لانچ ڪئي ??هي. شاهه محمود قريشي چيو ته منهنجي هدايت تي سمورن مشنز پنهنجي پنهنجي ڪميونٽيز جي پاڪستاني ميمبرن سان ماهوار اي ڪچ??ري??ن منعقد ڪري رهيا آهيون. اڄ به اهو ٻڌائيندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته پاڪستان جي سمورن 114 مشنز آن لائن ڳنڍيل آهن ۽ ٽوئيٽر، فيس بڪ ۽ انسٽاگرام تي فعال ۽ متحرڪ ??هي. پرڏيهي و??ير ان ايپ جي تياري ۾ نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ ۽ پرائم منسٽرز پرفارمنس ڊيليوري يونٽ جي معاونت کي ساراهيندي ان جا ٿورا مڃيا ۽ ان کي اهم قومي خدمت قرار ڏنو. پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، اسپيشل سيڪريٽري رضا بشير تارڙ، پرڏيهي و??ارت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي و??ري و??ارت جا سينيئر آفيسر پڻ ان تقريب ۾ شريڪ ٿيا.
ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني قيمتي اثاثو آهن، انهن جي لاءِ هر ممڪن آسانيون پيدا ڪنداسين: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے