اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عالمي برادري ڀارت جو والاريل ڪش??ير جو گهيراءُ ختم ڪرائي، ڀارتي فوج کي والاريل واديءَ مان ڪڍڻ، ميڊيا ۽ انٽرنيٽ تي پابندي جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ڀارت سياسي قيدين کي آزاد ڪري ۽ ڪش??يرين جي جان ڇڏي، پاڪستان ڪش??يرين کي اڪيلو نه ڇڏيندو، ڪش??يرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين، مون کي پڪو يقين آهي ته ڪش??يرين جون قربانيون رنگ لائينديون، اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪش??يرين جي آزادي جو سج اڀرندو، ڀارت سدائين ڳالهين کان انڪار ڪيو آهي، پاڪستان سدائين امن جي راهه اختيار ڪئي آهي جڏهن ته ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي، اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ جي استحصال ڏهاڙي ج?? حوالي سان خصوصي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. صدر چيو ته اڄ اهم ڏينهن آهي، استحصال جو ڏهاڙو ملهائن جو مقصد ڪش??ير ج?? حوالي سان اسان ج?? بيانيي کي عالمي دنيا تائين پهچائڻ آهي ۽ دنيا کي اهو پيغام ڏيڻو آهي ته ڪش??ير تڪرار تي اسان سڀ متحد آهيون. هن چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي خطرناڪ قدم کنيو، ڪش??ير کي ??يل خانو بڻايو ويو، ڪش??يرين تي ظلم ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو. هن چيو ته رياستي دهشتگردي جي ذريعي ڪش??يرين تي انسانيت سوز ظلم ڪيا پيا وڃن، اسان ڪش??يري ڀائرن جي پرامن جدوجهد ۽ انهن تي ظلم کي هر فورم تي اجاگر ڪيو آهي ۽ اهڙي طرح اجاگر ڪندا رهنداسين. هن چيو ته علامه اقبال پنهنجي شاعري ذريعي ڪش??يرين جي خراب حالت بيان ڪئي هئي جڏهن ته هاڻي ان ظلم ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿي ويو آهي، ڪش??يري مظلوم، محڪوم ۽ مجبور بڻجي رهجي ويا آهن.
عالمي برادري ڀارت جو والاريل ڪشمير جو گهيراءُ ختم ڪرائي: صدر
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار