اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان ۽ پاڪستن ۾ جرمني جي سفير الفريڊ گراناس وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪستان ۽ جرمن?? وچ ۾ نوجوانن جي مٽاسٽا جي امڪاني موقعن ۽ گڏيل تعاون جي قدمن تي روشني وڌي وئي، ان موقعي تي اولمپيئن خواجا جنيد ۽ وزيراعظم يوٿ پروگرام جو فوڪل پرسن سيده آمنه بتول به موجود هئي. ڪالهه وزيراعظم يوٿ پروگرام جي آفيس مان جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي ڌرين تعليمي مٽاسٽا، هنرمندي جي پروگران ۽ راندين ۽ نوجوانن جي ترقي جي شعبن ۾ عالمي تعاون جي اهميت تي ز??ر ڀريندي ٻنهي ملڪن جي نوجوانن وچ ۾ مضبوط لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جا موقعا تلاش ڪيا. وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان سڄي پاڪستان ۾ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي حڪومتي عزم کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم يوٿ پروگرام جنهن ۾ تعليم، روزگار، انٽرپرينيورشپ جا قدم شامل آهن جيڪي عالمي حصيدارن کان وڏو فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا، هي نوجوانن کي عالمي بهترين طريقن ۽ پيشيوراڻي نيٽ ورڪس کان روشناس ڪرائڻ جي آڇ ڪن ٿا. سفير الفريڊ گراناس پاڪستان جي نوجوانن جي قدمن لاءِ جرمني جي حمايت جو اظهار ڪيو ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ثقافتي مٽاسٽا جي اهميت کي ورجايو. هن ان ڳالهه تي ز??ر ڀريو ته جرمني پاڪستاني نوجوانن کي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيتي پروگرامن سان گڏوگڏ راندين ۽ ثقافتي مٽاسٽا ۾ شامل ٿيڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ جو خواهشمند آهي ته جيئن انهن جي سوچ کي وسيع ڪري ۽ انهن کي مهارتن سان همڪنار ڪرڻ ۾ مدد ملي.
وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان سان جرمني جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس