اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي)مواصلات ۽ نجڪ??ري بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان پاڪستان پ??سٽل سروس جي ڪارڪردگي ۽ مالياتي ڊسيپلين تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان پ??سٽ کي بچائڻ لاءِ رات ڏينهن محنت ڪرڻي پوندي. غير ضروري خ??چ گهٽ ڪري سرڪ??ري ادارن کي پاڻ ڀرو ڪرڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فوڪل گروپ آف ڪميونيڪيشن اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس دوران وفاقي وزير پاڪستان پ??سٽل سروس جي ڪارڪردگي ۽ مالياتي ڊسيپلن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ هڪ هفتي ۾ پوسٽل سروس لاءِ هنگامي بن??ادن تي مالياتي پلان ترتيب ڏيڻ جي هدايت ڪئي. هن هدايت ڪئي ته اد??ري جون خالي آساميون ختم، روينيو ۾ اضافي لاءِ ٺوس تجويز ڏني وڃي. سستي ڇڏي رات ڏينهن محنت ڪرڻي پوندي. عبدالعليم خان ڳالهائيندي چيو ته جنهن اد??ري جا خرچ وڌيڪ ۽ آمدني گهٽ هوندي اهو نه هلي سگهندو، حڪومتي فنڊز تي ڀاڙڻ بدران پ??هنجا وسيلا پاڻ پيدا ڪرڻا پوندا، فنڊز ۾ اضافي لاءِ سڄي ملڪ ۾ جي پي اوز، پوسٽ آفيسن ۾ نادرا ۽ پاسپورٽ ڪائونٽرز ٺاهيا وڃن. هن چيو ته غير ضروري خ??چ گهٽ ڪري سرڪ??ري ادارن کي پاڻ ڀرو ڪرڻو آهي، جيڪڏهن پاڪستان پ??سٽ کي بچائڻ چاهيو ٿا ته آفيسرن کي سخت محنت ڪرڻي پوندي، پوسٽ آفيس جو روايتي نظام بدلجي چڪو آهي، هاڻي نئين گهرجن موجب ئي ڪم ڪرڻو هوندو. عبدالعليم خان وزارت بابت اهم ٽاسڪ ڏيندي چيو ته پاڪستان پ??سٽ لاءِ مربوط پاليسي جوري وڃي. هن چيو ته مواصلات وارو وفاقي سيڪريٽري هڪ هفتي ۾ تفصيلي رپورٽ پيش ڪري، مالياتي هدف حاصل ڪرڻو هوندو. ان موقعي تي مختلف معاملن تي غور ويچار بعد سينيئر آفيسرن بريفنگ ڏني ۽ تجويزون پ??ش ڪيون.
وفاقي وزير عبدالعليم خان پاران پاڪستان پوسٽل سروس جي ڪارڪردگي ۽ مالياتي ڊسيپلن تي ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری