اسلام آباد-26 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري ڪشميري عوام جي ??نص??اڻي جدوجهد لاءِ پاڪستان جي پختي اخلاقي، سفارتي ۽ س??اسي حمايت جو ورجاءُ ڪندي عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته هو ڀارت جي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي روڪڻ ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عم?? ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي. پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن سان گڏ سندن خود ارادايت واري حق کي حاص?? ڪرڻ تائين گڏ بيٺل رهندو. هن اها ڳالهه ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي جيڪو (اڄ) 27 آڪٽوبر تي ملهايو پيو وڃي. صدر آصف علي زرداري چي?? ته 27 آڪٽوبر 1947ع جو ڏينهن ڏکڻ ايشيا جي تاريخ جو هڪ ڪارو باب آهي. اڄوڪي ڏينهن ڀارت ڄمون ڪشمير تي قبضي لاءِ فوج ڪشي ڪئي. هن چي?? ته گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڀارتي غير قانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي عوام ڀارتي فوج جي وحشياڻي ڏاڍ کي برداشت ڪري رهي آهي. گذريل سالن ۾ ڀارت والاريل ڄمون ڪشمير کي دنيا جي سڀ کان وڌيڪ عسڪريت سٽيل علائقن مان هڪ ۾ تبدي?? ڪري ڇڏيو آهي. هن وقت تائين هزارين بي گناهه ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن جڏهن ته ڪشميرين جي اصل قيادت قيد آهي ۽ مقامي ميڊيا کي وڏي پئماني تي سنسر ڪيو ويو آهي. صدر مملڪت چي?? ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ڪيترائي ڀيرا ??نص??اڻي ۽ غير جابنداراڻي راءِ ذريعي ڪشميري عوام جي خود اراديت واري حق جي توثيق ڪري چڪي آهي. ان جي باوجود ڀارت انهن قراردادن جي خلاف ورزي ۽ ڪشميرين کي سندن بنيادي حقن کان محروم ڪندو آيو آهي. هن چي?? ته آگسٽ 2019ع کانپوءِ ڀارت والاريل ڄمون ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪري ان جي آبادياتي ۽ س??اسي منظرنامي کي بدلائڻ جي قدمن سان پنهنجي قبضي کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو آهي. اهي ڪارروايون ڪشميرين جي آزادي واري تحريڪ کي دٻائڻ ۽ ڀارتي قبضي کي مضبوط ڪرڻ جي هڪ وسيع حڪمت عملي جو حصو آهن. هن چي?? ته انهن جي جابراڻي حربن باوجود ڪشميري عوام پنهنجي آزادي جي جدوجهد تي قائم آهي. اسان ڀارت جي جاري ظلمن جي شديد مذمت ڪريون ٿا ۽ ڪشميري عوام جي ??نص??اني جدوجهد لاءِ پنهنجي پختي اخلاقي، سفارتي ۽ س??اسي حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا. صدر آصف علي زرداري چي?? ته وچ اوڀر ۾ ٿيل تازي اڳڀرائي ان ڳالهه جي واضح يادگيري آهي ته پراڻن تڪرارن کي حل طلب نه رهڻ گهرجي. عالمي قانونن جون خلاف ورزيون ۽ تڪرارن کي نظر انداز ڪرڻ ڊگهي امن جي ضمانت ناهي. هن چي?? ته ڪشميرين جا ٽي نسل عالمي برادري خاص ڪري گڏيل قومن طرفان سندن خود اراديت واري حق ڏيارڻ جا منتطر آهن. دنيا هاڻي پنهنجي ذميواري کي وڌيڪ نظر انداز نٿي ڪري سگهي. صدر چي?? ته اسان عالمي برادري تي زور ڀريون ٿا ته هو ڀارت تي دٻاءُ وجهي ۽ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي روڪي، ڪشميرين جي مشڪلاتن کي گهٽ ڪري ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪري. پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ سندن خود اراديت واري حق کي حاص?? ڪرڻ لاءِ بيٺل رهندو.
عالمي برادري ڀارت تي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي روڪڻ ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عمل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب