استنبول-24 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن ۽ منشيات جي خاتمي واري وفاقي وزير مح??ن نقوي سان آذربائيجان جي گهرو معاملن واري مملڪتي وزير عليوف عصمت راشد ملاقات ڪئي. ٻنهي ملڪن جي وزيرن وچ ۾ گهڻ رخي ڀائراڻن لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ ٻطرفن معاملن کي هٿي ڏيڻ بابت ڳالهيون ٿيون. آذربائيجان جي مملڪتي وزير ڪجهه ڏينهن اڳ اتر عربي سمنڊ ۾ 145 ملين ڊالرن جي مال??ت جي 2400 ڪلوگرام کان وڌيڪ منشيات ضبط ڪرڻ جي پاڪ بح??يه جي ڪامياب آپريشن کي ساراهيو. مملڪتي وزير، مح??ن نقوي جي قيادت ۾ پاڪستاني عملدارن جي ڪوششن کي ساراهيو. هن استنبول انٽرنيشنل ايڪسپو ۾ پاڪستاني پويلين جو دورو به ڪيو، هن پاڪستاني پويلين ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان آرڊيننس فيڪٽريز جا جديد اوزار ۽ مشينري ڏٺي ۽ انهن جي واکاڻ ڪئي. ملاقات ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت تي زور ڀ??يو ويو. وزيرن گڏيل ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام، بارڊر مينيجمينٽ ۽ منشيات جي روڪٿام جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيرن گڏيل سهڪار کي پائيدار بنيادن تي هٿي ڏيڻ لاءِ مستقبل ۾ رابطا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. وفاقي گهرو وزير مح??ن نقوي آذربائيجان جي مملڪتي وزير کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني، جڏهن ته آذربائيجان جي مملڪتي وزير، ??فاقي وزير مح??ن نقوي کي باڪو جي دوري جي دعوت ڏني. گهرو وزير مح??ن نقوي جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻطرفن لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان آذربائيجان جي گهرو معاملن واري مملڪتي وزير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون