اسلام آباد-22 سيپٽمبر(اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي، ته بيجنگ ۾ پاڪستاني سفارتخانو چين ۾ فوت ٿيل شاگردياڻي جي ڪٽنب ۽ يونيورسٽي سان رابطي ۾ آهي. جاري ڪيل بيان ۾ ??ن چيو ته چين مان ميت کي واپس ملڪ آڻڻ لاءِ ڪجهه قانوني گهرجون آهن، جن تي عملدرآمد ڪر?? ضروري آهي، ??ن چيو ته ڪمرشل اڏامن ۾ ٽرانسپورٽيشن لاءِ ميت کي محفوظ رکڻ ۽ خاص ڪري تابوت ذريعي منتقل ڪر?? سميت ٻيا قدم کنيا وي??دا، جنهن کان پوءِ ميت کي ملڪ موڪليو وي??دو. ترجمان چيو ته پاڪستاني سفارتخاني جي مداخلت تي انشورنس ڪمپني شاگردياڻي جي وارثن کي معاوضي جي ادائيگي تي رضامندي جو اظهار ڪيو آ??ي ۽ يونيورسٽي شاگردياڻي جي ميت جي منتقلي جي حوالي سان خرچ برداشت ڪر?? جي پڻ آڇ ڪئي آهي.
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا