بيجنگ – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف چيو آهي ته چيني صدر شي جن پنگ پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ تر??ي، علائقائي واپار ۽ اقتصاديات جي مرڪز طور اسان جي جيو اڪنامڪ صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ ۾ اسان جي حمايت جاري رکڻ جو يقين ڏياريو آهي. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته کيس صدر شي جن پنگ سان مل????ات جو اعزاز حاصل ٿيو. مل????ات دوران پاڪ چين لاڳاپن جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اسان پنهنجي پراڻي لاڳاپن ۽ ثابت قدم دوستي، سدابهار اسٽريٽجڪ تعاون ۽ واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سي پيڪ تحت جاري قدمن جي وقت سر پڄاڻي ۽ 5 نئين لنگهن سان گڏ اڳئين مرحلي ۾ گڏيل طور تي اقتصادي تعاون کي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو. کيس ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۽ بي آر آءِ ج?? 10 سالن جي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني. مون ان ڳالهه تي زور ڏنو ته علائقائي رابطن ۽ اقتصادي تر??ي جي فروغ ۽ گوادر کي ڪنيڪٽيويٽي جو مرڪز بڻائڻ ۽ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي تر??ي جي لاءِ چين سان گڏجي ڪم جاري رکنداسين. هن چيو ته چيني صدر شي جن پنگ يقين ڏياريو ته چين پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ تر??ي جي حمايت جاري رکندو ۽ علائقائي واپار ۽ اقتصاديات جي مرڪز جي طور تي اسان جي جيو اڪنامڪ صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ ۾ اسان جي حمايت جاري رکندو، مون صدر شي جن پنگ کي جلد کان جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني.
چيني صدر شي جن پنگ پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ ترقي، علائقائي واپار ۽ اقتصاديات جي مرڪز طور اسان جي جيو اڪنامڪ صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ ۾ اسان جي حمايت جاري رکڻ جو يقين ڏياريو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری