بيجنگ – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ – چين سدابهار اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو حص??داري جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اهي لاڳاپا گڏ??ل لاڀائتي تعاون تي ٻڌل آهن، سي پيڪ جو اڳيون مرحلو پاڪ – چين اسٽريٽجڪ حص??داري کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو، چيني سيڙپڪار ۽ واپاري پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چين ۾ پاڪستاني سفارتخاني، چائنيز پيپلز ايسوسيئيشن فار فرينڊشپ ود فارن ڪنٽريز ۽ چائنا انٽرنيشنل ڪلچرل ڪميونيڪشن سينٽر جي حص??داري سان منعقد پاڪ – چين دوستي ۽ ڪاروباري تقريب جو خاص مهمان هو. تقريب ۾ پاڪساني وفد جي ٻين ميمبرن ۽ ناليوارن چيني معززن، عملدارن، تعليمي ماهرن، ٿنڪ ٽينڪ جي ماهرن ۽ ڪاروباري شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي پنهنجي اهم خطاب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف پ??ڪ چين سدابهار اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو حص??داري جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪا گڏ??ل احترام، اسٽريٽجڪ اعتماد ۽ گڏ??ل فائديمند تعاون تي ٻڌل آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ۽ تهذيبي لاڳاپن تي زور ڏيندي هن پ??ڪ چين دوستي جي خصوصي ۽ منفرد ڪردار کي اجاگر ڪيو جيڪا هر مشڪل گهڙيءَ ۾ ڪسوٽي تي پوري لٿي. وزيراعظم عالمي امن، سلامتي ۽ ترقي جي لاءِ گهڻ رخي ۽ عالمي قانون جي اهميت تي زور ڏنو. هن گڏ??ل افهام تفهيم ۽ گڏ??ل خوشحالي جي سفر جي ذريعي خاص طور تي اسرندڙ دنيا جي ملڪن سان تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه جي چين جي موقف کي ساراهيو. وزيراعظم بني نوع انسان جي گڏ??ل مستقبل جي تعمير جي صدر شي جن پنگ جي ويزن ۽ بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو، گلوبل سيڪيورٽي انيشي ايٽو، گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو ۽ عالمي تهذيبي قدمن سميت ان سان لاڳاپيل قدمن کي ساراهيو. هن موجوده دنيا کي درپيش امن، سلامتي ۽ ترقي جي چئلينجن جو عملي حل فراهم ڪرڻ جي لاءِ انهن قدمن جي تڪميل ڪئي. سي پيڪ کي پاڪستان جي معاشي سڌارن جي ايجنڊا جي اهم حص?? جي طور تي اجاگر ڪندي وزيراعظم چيو ته سي پيڪ گڏ??ل طور تي فائديمند ٻطرفي تعاون جي ڪاميابي ۽ پاڪستان جي اقتصادي ترقي جي لاءِ هڪ مضبوط بنياد فراهم ڪيو. هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته سي پيڪ جو اڳيون مرحلو پ??ڪ چين اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جو ڪم ڪندو. وزيراعظم چيني سيڙپڪارن ۽ واپارين تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن خاص طور تي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل عالمي سيڙپڪارن کي ون ونڊو سلوشن پيش ڪري ٿي. هن کاڻين جي کوٽائي، آءِ سي ٽي ۽ زراعت جي ترجيحي شعبن ۾ عملي ۽ گڏ??ل طور تي لاڀائتي تعاون تي زور ڏنو.
پاڪ – چين لاڳاپا گڏيل لاڀائتي تعاون تي ٻڌل آهن، سي پيڪ جو اڳيون مرحلو اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے فوائد