اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ تع??يم، صحت ۽ ٻين شعبن ۾ فلاحي منصوبن جي لاءِ حڪومت ??اران يونيسيف کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪ??دي چيو آهي ته پٺتي پيل علائقن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ٽيبليٽس ذريعي جديد معلومات تائين پهچ ڏيڻ سان ناخواندگي ۾ خاطرخواهه گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ يونيسيف جي نمائ??دي عبدالله فاضل سان ڳالهائي??دي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ عبدالله فاضل نگران وزيراعظم کي پاڪستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ يونيسيف جي قد??ن بابت بريفنگ ڏني. جنهن ۾ نگران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته گذريل 5 سالن ۾ يونيسيف تحت سڄي پاڪستان ۾ امداد، صاف پاڻي ۽ خوراڪ جي فراهمي، تع??يم، صحت ۽ ٻين شعبن ۾ اٽڪل هڪ ارب ڊالر جا منصوبا ٺاهيا ويا آهن. نگران وزيراعظم عوامي ڀلائي جي لاءِ ڪيترائي ڪامياب منصوبا ٺاهڻ تي يونيسيف پاڪستان کي ساراهيو. نگران وزيراعظم پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي جي مهم ۾ يونيسيف جي ڪردار کي خصوصي اهميت رکندڙ قرار ڏنو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان حڪومت ۽ يونسيف جهڙن ادارن جي گڏيل تعاون سان ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي بابت عوامي روين ۾ مثبت تبديلي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي. نگران وزيراعظم تع??يم، صحت ۽ ٻين شعبن ۾ ڀلائي منصوبا ٺاهڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت جو يونسيف کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته ڀارت پاران شديد تنقيد جي باوجود يونيسيف جو آزاد ڪشمير ۾ تع??يم جي شعبي لاءِ قد?? کڻڻ ساراهه جوڳو آهي. نگران وزيراعظم عبدالله فاضل کي پاڪستان ۾ اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي تع??يم لاءِ نئين ۽ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. هن يونيسيف پاران ملڪ ۾ پٺتي پيل علائقن ۾ تع??يم جي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي کي متعارف ڪرائڻ جي قد??ن جي حمايت به ڪئي. هن چيو ته ملڪ جي پٺتي پيل علائقن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ٽيبليٽس جي مدد سان جديد ترين معلومات تائين پهچ ڏياري ملڪ ۾ ناخواندگي ۾ خاطرخواهه گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. يونيسيف پاران نوجوانن جي لاءِ روزگار پيدا ڪرڻ جي منصوبن لاءِ پاڪستان حڪومت ??ر ممڪن سهولت فراهم ڪندي.
پٺتي پيل علائقن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ٽيبليٽس ذريعي جديد معلومات تائين پهچ ڏيڻ سان ناخواندگي ۾ خاطرخواهه گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II