برسلز – 27 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي ۽ ا??هن کي درپيش مسئلن جو ترجيحي بنيادن تي حل حڪومت جي اولين ترجيح ??هي. بيلجيئم ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران جاري بيان موجب نگران پرڏيهي وزير اهڙن خيالن جو اظهار برسلز ۾ سفارتخاني جي دوري جي م??قعي تي ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته يورپي يونين پاڪستان جو اهم حصيدار اهي، ان ڏس ۾ يورپي يونين پاران جي ايس پي پلس جو تسلسل انتهائي خوش آئنده ??هي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته ان قدم سان يورپي يونين سان ٻطرفي اقتصادي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي. ان کان اڳ ??ورپي يونين، بيلجيئم ۽ لڪسمبرگ جي لاءِ پاڪستان جي سفير آمنه بلوچ ۽ سفارتي عملي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جي شاندار آجيان ڪئي. نگران پرڏيهي وزير قونصلر سيڪشن سميت سفارتخاني جي مختلف سيڪشنز جو دورو ڪيو ۽ پاڪستاني ڪميونٽي کي فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. نگران پرڏيهي وزير سفارتخاني ۾ رکيل ”وزيٽر بُڪ“ ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا.
ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي درپيش مسئلن جو ترجيحي بنيادن تي حل حڪومت جي اولين ترجيح آهي: نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني
مضمون کا ماخذ : نتیجہ یہ ہے کہ