اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب باجوڙ ۾ جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي قيمتي انساني ??ان??ن جي نقصانن تي پي ڊي ايم جي سربراهه ۽ جي يو آءِ جي امير مولانا فضل الرحمان ۽ متاثر خاندانن س??ن دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته باجوڙ جي علائقي خار ۾ جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪي جي شديد مذمت ڪريان ٿي، جنهن ۾ قيمتي ??ان??ن جو وڏو نقصان ٿيو ۽ درجنين زخمي ٿيا. پي ڊي ايم جي سربراهه ۽ جي يو آءِ جي امير مولانا فضل الرحمان ۽ متاثر خاندانن س??ن تعزيت ۽ افسوس ڪريون ٿا. هن چيو ته هي واقعو ثبوت آهي ته دهشتگردن جو مذهب صرف دهشتگردي آهي، کين انسانيت، معصوم ??ان??ن س??ن ڪو به تعلق نه آهي. وفاقي وزير چيو ته دهشتگردي جو خاتمو پاڪستان جي بقاءُ ۽ سالميت لاءِ نهايت ضروري آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ وارثن کي صبر عطا فرمائي.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پاران باجوڙ ۾ جي يو آءِ (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪي جي مذمت، قيمتي انساني جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم