اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زلزلي متاثرين سان يڪجهتي جي لاءِ 16 ۽ 17 فيبروري تي ت??ڪي?? جو دورو ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب انقره ۾ پنهنجي قيام دوران وزيراعظم ت??ڪي?? جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪندو ۽ زلزلي سان قيمتي جانين جي زيان تي تعزيت ۽ وڏي پئماني تي ٿيندڙ نقصان تي پوري پاڪستاني قوم پاران دلي همدرديءَ جو اظهار ڪندو. وزيراعظم مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ترڪ عوام سان گڏ بيٺل هجڻ ۽ جاري امدادي ڪوششن ۾ هر ممڪن تعاون جاري رکڻ جي پاڪست??ن جي پڪي عزم کي ورجائيندو. وزيراعظم ڏکڻ ت??ڪي?? ۾ زلزلي کان متاثر علائقن جو دورو پڻ ڪندو ۽ علائقي ۾ مقرر پاڪستاني سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيمن سان گڏوگڏ زلزلي متاثرين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو. ڏکڻ ترڪيءَ ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي جي ڏس ?? وزيراعظم 6 فيبروري تي صدر رجب طيب اردوان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي هئي ۽ انهن کي ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن ۾ هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي هئي. پاڪستان پاران پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀي??رن جي مدد جي لاءِ سمورن دستياب وسيلن کي مڪمل ط??ر تي متحرڪ ڪيو ويو آهي. وزيراعظم ذاتي ط??ر تي امدادي سرگرمين جي نگراني ڪري رهيو آهي. واضح رهي ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، اس??ن جا ٻئي ملڪ هر آزمائش ۽ مصيبت ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن. ت??ڪي?? ۾ 6 فيبروري تي تباهي آڻيندڙ زلزلي سان هزارين ماڻهو مارجي ويا.
وزيراعظم زلزلي متاثرين سان يڪجهتي جي لاءِ 16 ۽ 17 فيبروري تي ترڪيه جو دورو ڪندو: وزيراعظم آفيس
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری