اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زراعت کي ملڪي معيشٽ جي ل??ءِ ڪرنگهي جي هڏي قرار ڏيندي چيو آهي ته ان شع??ي جي ترقي ل??ءِ حڪومت ايندڙ هفتي تاريخي آبادگار پئڪيج جو اعلان ڪندي، هن لاڳاپيل وزيرن جي ڪميٽي کي آبادگار نمائندن سان گڏجي انهن جا مسئلا موثر انداز ۾ حل ڪرڻ جي ل??ءِ قابل عمل سفارشون جلد کان جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم آبادگارن جي مختلف وفدن سان انهن جي مسئلن جي حل ل??ءِ جدا جدا ملا??ات??ن ڪيون. انهن ملا??ات?? ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خان، خوراڪ واري وفاقي وزير طارق بشير چيما، پنجاب جي صوبائي اسيمبلي ميمبر راڻا مشهود احمد خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم ز??عي شعبي کي ملڪ جي سماجي ۽ معاشي ترقي جي ل??ءِ انتهائي اهم قرار ڏنو ۽ ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ ملڪ ۾ ان شع??ي جي ترقي ۽ آبادگارن جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ موجوده معاشي حالتن جي ڏس ۾ هر ممڪن ريليف فراهم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن ان سلسلي ۾ ايندڙ هفتي ٿيندڙ آبادگار ڪانفرنس ۾ تاريخي آبادگار پئڪيج ڏيڻ جو اعلان ڪيو. وزيراعظم انهن کي پنهنجي پنجاب جي خادم اعليٰ جي حيثيت سان زرعي شع??ي جي ترقي ۽ آبادگار ڀائرن جي ڀلائي ل??ءِ کنيل قدمن جو حوالو ڏيندي ياد ڪرايو ته هن ڪهڙي طرح سدائين آبادگارن جي مفادن جو تحفظ ڪيو ۽ انهن کي بجلي جي بلن جي ادائيگي، ڀاڻ جي فراهمي ۽ زرعي اوزارن جي خريداري تي سبسڊي فراهم ڪئي.
زراعت جو شعبو ملڪي معيشت جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores