اسلام آباد -03 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي ترقي سڌارن ۽ خصوصي قدمن وار?? وفاقي وزير ۽ ڊپٽي چي??رم???? اي?? ايف آر سي سي احسن اقبال اين ڊي ايم اي جي چي??رم??ن ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز ۽ اي?? ايف آر سي سي جي نيشنل ڪو ??رڊينيٽر ميجر جنرل ظفر اقبال جي صدارت هيٺ اي?? ايف آر سي سي جو اهم اجلاس منعقد ڪيو. فورم کي سنڌ ۽ بلوچستان جي سڀ کان وڌيڪ متاثر علائقن ۾ جاري ريسڪيو ۽ رليف آپريشنز جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٻوڏ سبب ڪنهن جي به فوت ٿيڻ جا اطلاع نه مليا. اي?? ايف آر سي سي مطابق فورم کي يونيسيف طرفان عطيو ڪيل امدادي سامان جي بين الاقوامي اڏام ۽ ترڪيه مان آيل ٽرينن جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو. فورم کي ٻڌايو ويو ته امدادي سامان آڻيندڙ 9 ٽرينن مان 6 ٻوڏ متاثرن ۾ ورهايون ويون آهن باقي 3 ٽرينن جو سامان اڄ لاهي متاثر علائقن ڏانهن روانو ڪيو ويندو. وفاقي وزير احسن اقبال هدايت ڪئي ته هو ٻوڏ متاثر ٻارن ۽ کير پياريندڙ مائرن جي غذائي کوٽ جي حوالي سان صحت جي سنگين چئلينجن تي خاص توجهه ڏين. هن وبائي مرضن خاص ڪري مليريا ۽ ڊينگي تي ضابطو آڻڻ تي توجهه ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو. فورم کي فلڊ ريسيلينٽ شيلٽر ماڊلز جي تعمير جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو، جيڪي ماحول دوست آهن. چي??رم???? اين ڊي ايم اي فورم کي ٻڌايو ته ٻوڏ جو پهريون مرحلو ختم ٿي چڪو ??هي، هاڻي بحالي جو ٻيو مرحلو شروع ٿي چڪو ??هي.
اين ايف آر سي سي جو اجلاس، سنڌ ۽ بلوچستان جي سڀ کان وڌيڪ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جاري ريسڪيو ۽ رليف آپريشنز جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٻوڏ سبب ڪنهن به فوتگي جا اطلاع نه مليا: وفاقي وزير احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada