واشنگٽن – 13 سيپٽمبر (اي پي پي)آمريڪا ۾ پاڪس??ان جي سفير مسعود خان ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته پاڪس??ان ۾ ٻوڏ واري صورتحال خطرناڪ ٿيندي پئي وڃي ان لاءِ ??ال??ي برادري پاڪس??ان حڪومت کي ماحولياتي ??بد??لي سبب ٿيندڙ تباهي آڻيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي قابل بڻائڻ لاءِ وڌيڪ مدد ڪري. ترڪ خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته هي ٻوڏ ماحولياتي ??بد??لي جو سڌو سنئون ۽ تباهي آڻيندڙ نتيجو آهي، اسان کي اميد آهي ته ??ال??ي برادري خاص طور تي ترقي يافته ملڪ ۽ گڏيل قومون ماحولياتي ??بد??لي کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪس??ان جي مدد لاءِ اڳتي ايندا، هن چيو ته موسمياتي ??بد??لين جا مجموعي نقصان تمام گهڻا هوندا، هن چيو ته اها انتهائي مشڪل صورتحال آهي ڇو ته پاڪس??ان ۾ هن وقت ٻوڏ جهڙي وڏي تباهي سان گڏ ٻيون مشڪلاتون به درپيش آهن، جنهن جي ڪري ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن، فصل ۽ چوپائي مال کي وڏي پئماني تي نقصان پهتو آهي، هن ٻڌايو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش موجب پاڪس??ان ۾ مجموعي نقصانن جي لاڳت جو ڪاٿو 30 بلين ??ال??ن کان وڌيڪ لڳايو ويو آهي، هن چيو ته پاڪستاني هن آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجا دستياب وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهن پر اسان اهو اڪيلي نٿا ڪري سگهون ان لاءِ ??ال??ي برادري کي اپيل آهي ته هو اسان جي مدد ڪري، پاڪستاني سفير گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي پاڪس??ان جي دوري ۽ ٻوڏ متاثر پاڪستاني عوام جي مدد لاءِ ترڪيه حڪومت ۽ سوسائٽي کي متحرڪ ڪرڻ تي ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان جو ٿورو مڃيو. هن چيو ته پاڪس??ان کي پهرين ئي ٻوڏ جي ڪري تباهي آڻيندڙ صورتحال درپيش آهي جڏهن ته ٻئي طرف يوڪرين جي صورتحال جي ڪري غذائي عدم تحفظ جا مسئلا به سامهون آهن، هن چيو ته اسان پنهنجي معيشت کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئاسين ۽ اسان ان ۾ ڪامياب ٿي رهيا هئاسين پر هاڻي ان ۾ تمام وڏي رڪاوٽ پيدا ٿي وئي آهي، مسعود خان ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ انفرا اسٽرڪچر کي پهتل وڏي نقصان جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪس??ان کي متاثر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ وڏي سيڙپڪاري جي ضرورت پوندي، هن چيو ته مستقبل ۾ اهڙي ڪنهن به تباهي کي منهن ڏيڻ، آبي وسيلن جي تحفظ لاءِ هڪ بهتر نظام جي قيام سان گڏوگڏ تعميراتي شعبي کي ريگوليٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مستقبل جي حڪمت عملي جوڙيندي وڌندڙ آبادي لاءِ بهتر منصوبابندي جي ضرورت هوندي.
عالمي برادري ماحولياتي تبديلين جي ڪري تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي وڌيڪ مدد ڪري: پاڪستاني سفير مسعود خان
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا