اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته يونيورسٽين خاص طور تي آءِ ٽي ۽ انجنيئرن?? جي شعبن ۾ داخلا جي ش??ح وڌائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هنرمند گريجوئيٽس جي مارڪيٽ جي طلب کي ??ورو ڪري سگهجي، پاڪستان جي مقابلي ۾ علائقائي ملڪن جُون يونيورسٽيون وڏي تعداد ۾ گريجوئيٽس پيدا ڪري رهيون آهن ۽ اسان جي يونيورسٽين کي ??لڪ ۾ بيچلرز ۽ ماسٽرز گريجوئيٽس جو تعداد وڌائڻ لاءِ آن لائين ۽ فاصلاتي تعليم جي فروغ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ وفاقي چارٽرڊ يونيورسٽين ۽ ڊگري ڏيندڙ ادارن جي وائيس چانسلرز ريڪٽرز جي اجلاس دوران ڪيو، فيڊرل ايجوڪيشن ۽ پروفيشنل ٽريننگ واري وفاقي وزير شفقت محمود، هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شائسته سه??ل، مختلف يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز ۽ ريڪٽرز اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪند?? صدر يونيورسٽين تي زور ڏنو ته هو پاڪستان ۾ روزگار جي ش??ح کي ??ڌائڻ لاءِ اڪيڊمين ۽ انڊسٽري جي رابطن کي ??روغ ڏئي پنهنجي ش??گردن کي ??ارڪيٽ جي ضرورتن موجب هنر سان ليس ڪن، هن مناسب طريقي سان ڊزائين ڪيل آن لائين ڪورسز ۽ موا?? جي پهچ ۽ تشخص جي بهتر طريقن جي ذريعي ورچوئل تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ٺوس ڪوششون ڪرڻ تي به زور ڏنو، وفاقي وزير شفقت محمود مهارت تي ٻڌل تعليم، فيڪلٽي جي ترقي، ۽ ليبز ۽ لاڳاپيل تعليمي سهولتن ۾ سيڙپڪاري ڪري معياري گريجوئيٽس تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ ايڇ اي سي جي آن لائن ۽ ڊسٽنس لرننگ پاليسي ۽ يونيورسٽين جي درجه بندي جي لاءِ ان جي معيار تي خيالن جي مٽاسٽا کانسواءِ بي ايس ۽ ايم ايس گريجوئيٽس جو تعداد وڌائڻ ۾ مختلف تجويزن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اجلاس ۾ هنرمند افرادي قوت جي مارڪيٽ جي طلب کي ??ظر ۾ رکندي مختلف شعبن ۾ ايسوسيئيٽ ڊگريون (2 سالا ڊگريون) متعارف ڪرائڻ ۽ پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي امڪانن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، شرڪت ڪندڙن استادن جي ترقي، تحقيقي سهولتن ۽ استادن جي تربيت جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن هو آن لائن تعليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ گهربل مهارتن سان ليس ٿي سگهن.
پاڪستان جي مقابلي ۾ علائقائي ملڪن جُون يونيورسٽيون وڏي تعداد ۾ گريجوئيٽس پيدا ڪري رهيون آهن: صدر
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام