اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) منصوبابندي ۽ ترقي ??اري وفاقي ??زير اسد عمر چيو آهي ته عمران خان 22 سال سياسي جدوجهد ڪرڻ کانپوءِ وزارت عظميٰ تي فائز ٿيو، س??ي دنيا ۾ ڪورونا وائر?? جي روڪٿام لاءِ سخت لاڪ ڊائون جي پاليسي ڪامياب نه ٿي سگه??، وزيراعظم عمران خان جي ذاتي دلچسپي سان سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام ۾ ڏيڍ سئو ارب رپين جو اضافو ڪيو ويو، هلندڙ سال مارچ تائين اسان جي اوڳاڙين ۾ 17 سيڪڙو اضافو ٿي رهيو هو، بجيٽ ۾ بلوچستان جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ فنڊ رکيا ويا آهن، س??ر کان حيدرآباد تائين موٽروي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ سان ٺاهي ويندي، ديامير ڀاشا، داسو ۽ مهمند ڊيم تي ڪم شروع آ??ي. قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي منصوبابندي ۽ ترقي ??اري وفاقي ??زير اسد عمر چيو ته الله تعاليٰ ڪورونا کان اسان سڀني کي محفوظ رکي، جيڪي ان جو شڪار ٿيا انهن جي مغفرت فرمائي. اهو چيو ويو ته حڪومت جي ناقص پاليسي سان ڪورونا جو ڦهلاءُ ۽ ماڻهو ان جو شڪار ٿيا. عمران خان مخالف ڌر جي اعصاب تي سوار هوندو آهي، ڪورونا 180 ملڪن ۾ آهي ۽ عمران خان جي حڪومت رڳو هتي آهي.
سڄي دنيا ۾ سخت لاڪ ڊائون جي پاليسي ڪامياب نه ٿي سگهي: وفاقي وزير اسد عمر
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن