اسلام آباد – 09 مئي (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نيب چيئرمين جهڙي طرح چار ارب 90 ڪروڙ ڊالر ڀارت موڪلڻ جي هڪ اخباري خبر کي بنياد بڻائي اڳو??ي وزيراعظم جي خلاف جاچ جو حڪم ڏنو آهي، اها اسان لاءِ ڳڻتي ۽ دنيا ۾ پاڪس??ان جي بدنامي جو سبب آهي، هي گهڻو اهم ۽ سنجيده مسئلو ۽ هڪ دشمن ملڪ کي پئسا موڪلڻ جو الزام آهي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته مون ان کان اڳ هن ايوان جي اندر ۽ ٻاهر چيو آهي ته نيب سبب ملڪ جي اندر جيڪي حالتون پيدا ٿي رهيون آهن ??هي سٺيون نه آهن.
مضمون کا ماخذ : گرم گرم