اسلام آباد – 29 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته هڪ اهڙو شخص جيڪو پنهنجي 10 سال پراڻي مالي معاملن جو حساب پيش نه ڪري سگهيو اهو وزيراعظم ۽ سندس خاندان کان 70ع جي ڏهاڪي جو حساب گهري رهيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ اطلاعات واري مملڪتي وزير چيو ته ??مران خان سپريم ڪورٽ آڏو تسليم ڪيو ته وٽس لنڊن فليٽن جي وڪري کان اڳ جي پنهنجي ٽيڪس ريٽرنز جو رڪارڊ نه آهي ۽ پوري ڪوشش جي ب??وجود هو ان کي ڳولڻ ۾ ناڪام رهيو آهي جڏهن ته ??ن جي ب??وجود عمران خان چاهي ٿو ته ??پريم ڪورٽ کيس ان حوالي سان بري الذمه قرار ڏي. مريم اورنگزيب ان ڳالهه تي حيرت جو اظهار ڪيو ته هڪ طرف ته ??مران خان چاهي ٿو ته وزيراعظم ۽ سندس خاندان کي رڪارڊ جي غيرموجودگي تي سزا ملي جڏهن ته ٻئي طرف هو ان ئي حوالي سان پاڻ لاءِ ڇوٽ گهري رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی