اسلام آ??اد – 06 جنوري (اي پي پي) صدر ممنون حسين فاٽا کي مرڪ??ي ڌارا ۾ آڻڻ ج?? لاءِ سمورين ڌرين جي مشاورت سان ٺوس سڌارا ڪرڻ تي فاٽا سڌارن واري ڪميٽي جي ڪم کي ساراهيندي علائقي جي عوام جي زندگين ۾ ??بد??لي آڻڻ ج?? لاءِ سفارشن کي جلد لاڳو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آ??ي. هن اها ڳالهه ايوان صدر ۾ وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز پاران فاٽا سڌارن بابت کيس ڏني ويندڙ بريفنگ ۾ چئي. صدر اميد ظاهر ڪئي ته فاٽا سڌارن واري ڪميٽي تمامد جلد تجويز ڪيل سڌارن بابت مڪمل اتفاق راءِ پيدا ڪري وٺندي جيڪا فاٽا جي عوام کي انهن جي جائز سياسي، قانوني ۽ آئيني حق ڏيڻ ۽ قومي يڪجهتي جي فروغ ۾ هڪ سنگ ميل ثابت ٿيندي.
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔