اسلام آباد – 03 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شر??ف چيو آهي ته جديد جمهوري معاشرن جو دارومدار اطلاعات جي آزاداڻي فراهمي ۽ اطلاعات جي حق تي آهي، هڪ آزاد ۽ جمهوري معاشري جي ل??ءِ صحافت جي آزادي ۽ اطلاعات تائين پهچ بنيادي گه??ج آهي. صحافت جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد نواز شر??ف چيو ته کيس يقين آهي ته رڳو تعليم يافته ۽ باخبر شهري ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ تعميري ۽ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿ??. هن چيو ته اسان ??ر سال صحافت جي آزادي جو ڏينهن ملهايون ٿ?? ۽ انهن بنيادي اصولن تي زور ڏيون ٿ?? ته ميڊيا جي آزادي جو تحفظ ڪيو وڃي ۽ پنهنجي پيشيواراڻي ذميوارين جي ادائيگي دوران ??نهنجي جانين کي خطري ۾ وجهندڙن جو احترام ڪيو وڃي ۽ انهن جي خدمتن کي تسليم ڪيو وڃي.
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ